مواد ڏانھن هلو

جر جيرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جر جيرو (عربي: بخور مريم، فارسي: پنجۂ مريم، اردو: هاٿا جوڙي، بنگالي: هٽي مورا، انگريزي: Hetio Trope) هڪڙي گاھ جي پاڙ آهي، جا هٿ جئان ٿئي ٿي. هن جا پن هڪ پاسي کان ساوا ۽ ٻئي پاسي کان اڇا پشمدار ٿين ٿا. رنگ ۾ ڀوري ڪاري، اڇن نيرن گلن سان ۽ ذائقي ۾ تلخ آهي.[1]

طبي خاصيتون

[سنواريو]

مزاج: گرم خشڪ 3 درجي ۾.

مقدار خوراڪ: چار ماسا.

پيدائش: ڪشمير جي مرطوب زمين ۽ ڇانوري وارين جڳهين تي ٿئي ٿي.

خاصيت: هيءَ (پاڙ) حيض، پيشاب ۽ پگهر کوليندڙ آهي، ٿڃ وڌائي ٿي، چوٿين ڏينھن ايندڙ تپ ۽ يرقان لاءِ مفيد آهي. هن جي پاڙ ۽ ٻج کل جي سطح صاف رکڻ لاءِ ليپ طور ڪارن داغن، سخت سوڄ، خنازير، چھرن جي چٽن ۽ ڇانئين وغيره لاءِ ڪتب اچن ٿا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.