مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

جبلن جا سلسلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هماليه جو هڪ نظارو، دنيا جي بلند ترين جبلن جو سلسلو، خلا کان منظر
سمنڊ جي تھن مان سڀ کان ڊگھو جبل جو سلسلو
اينڊیز جبلن جو فضائي نظارو، زمين تي دنيا جو سڀ کان ڊگهو جبل وارو سلسلو

جبل جو سلسلو (Mountain Range) جبلن جي مسلسل قطار آهي. انهن جبلن جي چوڌاري زمين عام طور تي بلند ٿيندي آهي ۽ اهي وادين ۽ لنگهن ذريعي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا آهن. هماليه جي علائقي ۾ دنيا جا بلند ترين جبل موجود آھن، جن مان بلند ترين مائونٽ ايوريسٽ آهي. دنيا جو سڀ کان ڊگهو جبل جو سلسلو سمنڊ جي هيٺان آهي ۽ لڳ ڀڳ سڄي دنيا جي چوڌاري ڦري ٿو. هن سلسلي جي ڊيگهه 65,000 ڪلوميٽر آهي ۽ جيڪڏهن ان جي شاخن کي به شامل ڪيو وڃي ته ان جي ڊيگهه 80,000 ڪلو ميٽر ٿي ویندي آھي. انڊيز جبل جو سلسلو زمين تي سڀ کان ڊگھو جبلن جو سلسلو آهي، جنهن جي ڊيگهه 7,000 ڪلوميٽر آهي.

حوالا[سنواريو]