جان ولرڊ ميريئٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جان ولرڊ ميريئٽ

جي. ڊبليو. ميريئٽ جي تصوير
پيدائش جان ولرڊ ميريئٽ
John Willard Marriott

17 سيپٽمبر 1900(1900-09-17)
ميريئٽ واري ابادي، يوٽا رياست، آمريڪا
وفات آگسٽ 13, 1985 (عمر 84 سال)
وولفيبورو، نيو ھيمپشائر
پيشو ميريئٽ ڪارپوريشن جو باني ۽ 1993 کان وٺي ميريئٽ انٽرنيشنل جو سربراهه
جيون ساٿي ايلس ميريئٽ
ٻار ٻچا 2, جن ۾ بل ميريئٽ پڻ شامل

جان ولرڊ ميريئٽ (انگريزي: John Willard Marriott) ( 17 سيپٽمبر 1900 ۾ ڄائو ۽ 13 آگسٽ 1985 تي وفات ڪيائين) آمريڪا جو انٽرپرينر ۽ سيٺ ھيو جنھن ميريئٽ ڪارپوريشن جو بنياد رکيو جيڪا اڳتي هلي 1993 ۾ ميريئٽ انٽرنيشنل جي صورت اختيار ڪئي.جيڪا دنيا اندر مھمانوازي، ھوٽلن ۽ کاڌي واري خدمت وارين ڪمپنين کي سنڀاليندڙ دنيا جي ھڪ وڏي ڪمپني آھي.

ميرئيٽ ڪمپني جو تعارف[سنواريو]

ميرئيٽ ڪمپني جي ابتدا 1927 ۾ واشنگٽن ڊي.سي. ھڪ ننڍي روٽ بيئر جي صندل لڳائڻ سان ٿي جيڪو 1932 ۾ ريسٽورنٽن جي زنجير ۾ تبديل ٿي ويو ۽ اڳتي وڌي 1957 ۾ ھڪ موٽل تائين وڌي ويو. جان ولرڊ جي وفات تائين ھن ڪمپني جي ڪاروبار م دنيا جا 1400 ريسٽورنٽ، 143 ھوٽل ۽ رزارٽ ۽ آمريڪا جي اندر ٻه وڏا ميريئٽس گريٽ آمريڪا ٿيم پارڪ شامل ھيا جن مان ڪمپني جي سالياني آمدني 4.5 ارب ڊالر ھئي ۽ 154600 ملازم ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ ھيا.

ابتدائي زندگيءَ جو احوال[سنواريو]

ھي ھائرم وليم ميريئٽ ۽ ائلن مورس ميريئٽ جي ميرئيٽ واري آبادي ( ھاڻي ميريئٽ سليٽر ول، يوٽاہ) ۾ واقع گھر ۾ پيدا ٿيو ۽ پيء ماءُ جو اٺون ٻار ھيو ۽ کيس ننڍي هوندي بل (انگريزي: Bill) جي نالي سان سڏيندا هئا.ننڍڙي عمر ۾ ھي پنھنجي خاندان جي فردن جي چقندر جي پوک ۽ رڍن جي پالنا ۾ مدد ڪندو ھو. 13 سالن جي عمر ۾ ھن خاندان جي زرعي فارم جي کوڙ ايڪڙ ساھي ڏنل غير آباد زمين(انگريزي: Fallow) ڪاھوء جا ٻوٽا(انگريزي: Lettuce) پوکيا ۽ اونھاري جي آخر ۾ انھن جي ڪٽائي کان پوءِ انھن مان 2000 ڊالرن جي آمدني ٿي جيڪا ھن پنھنجي پيءُ کي ڏني.ھن ويبر اسٽيٽ يونيورسٽي مان گريجوئيشن پاس ڪئي جتي ھي شاگردن جي باڊي جو صدر پڻ رھيو. جون 1923 ۾ ھن يونيورسٽي آف يوٽاہ مان ايسوسيئيٽ ڊگري ورتي ۽ 1926 ۾ بيچلر جي ڊگري ان يونيورسٽي مان بہ ورتائين [1].

ڪاروباري زندگي[سنواريو]

1927 ۾ ھن واشنگٽن ڊي سي، بالٽيمور، ميري لينڊ ۽ رچمنڊ ورجينيا لاء اي اينڊ ڊبليو روٽ بيئر کان ان جون ٺاھيل شيون وڪرو ڪرڻ جو حق (انگريزي: franchise ) حاصل ڪري واشنگٹن ڊي سي ۾ ھگ ڪولٽن سان شراڪت ڪري 9 وڪري وارا صندل لڳايا. [2] 9 جون 1927 ۾ نئين ڪاروبار کان ٻن ھفتن بعد ھن يوٽاہ وڃي ايلس ميريئٽ سان شادي ڪئي. سرء واري ٿڌن مھينن ۾ انھن صندلن تي ميڪسيڪن کاڌن جو اضافو ڪري انھن کي فيملي ريسٽورنٽن ۾ تبديل ڪيو ويو جن کي ھاٽ شاپي(انگريزي: The Hot Shoppe) نالو ڏنو ويو. 1928 ۾ مسيسيپي جي اوڀر ۾ پھريون ڊرائيو ان(انگريزي: Drive in ) ريسٽورنٽ کوليو ۽ 1929 ۾ ڪاروبار کي انڪارپوريشن طور تي ھاٽ شاپيز انڪارپوريشن جي نالي درج ڪرايو. ٻي جنگ عظيم ۾ ڪاروبار جو دائرو وڌايو ويو ۽ کاڌي جي سھولت واري خدمت جو انتظام پڻ شامل ڪيو ويو. خاص طور تي آمريڪي ٽريژري سميت دفاع وارين سرڪاري عمارتن ۽ پلانٽن ۾ کاڌي جي رسد پھچائڻ شروع ڪئي وئي. ميريئٽ ريسٽورنٽن جي سلسلي ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ 1953 ۾ ڪمپني اڳتي وڌي ھڪ پبلڪ ڪمپني جو روپ ورتو. 1957 ۾ ڪاروبار جو دائرو ھوٽلن تائين وڌايو ويو ۽ پھريون ميريئٽ هوٽل ورجينيا جي ايرلنگٽن ڪائونٽي ۾ ٽوون برجز موٽر ھوٽل جي نالي سان کوليو ويو جيڪو درحقيقت ھڪ موٽل ھيو [3] ڪمپني جو نالو 1967 ۾ ميريئٽ انڪارپوريشن رکيو ويو. ھن گروپ ۾ وڏا سلسلا (chains) شامل ٿيندا ويا جن ۾ بگ بواء فيملي ريسٽورنٽس 1967 ۾ ۽ رائي راجرس فيملي ريسٽورنٽس 1968 ۾ شامل ٿيا. سال بہ سال ھن ڪمپني جي فائدن ۾ اضافو ٿيو. کاڌي جي خدمتن جي فراهمي ۾ ھن ڪمپني جھازن ۾ کاڌي جي فراهمي واري پنھنجي ايئر لائين پڻ ايجاد ڪري ورتي جنھن ذريعي وڏين ايئر لائين ڪمپنين کي جھازن لاء کاڌو فراهم ڪيو . ھي ڪمپني ڪيترن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن کي پڻ کاڌي جون شيون فراھم ڪندڙ آھي. جان ولرڊ ھڪ ھمٿ ڀريو شخص ھيو ۽ تمام گھٽ آرام ڪندو هو ء ھر وقت ڪمپني کي ھلائڻ کي ترجيح ڏيندو هو. ڪيترائي ماڻهو ان ڳالھ جا شاھد ھيا تہ ھن جو کائڻ، ساھ کڻڻ، زنده رھڻ ۽ خواب ڏسڻ رڳو ڪمپني لاء ھيو تہ ڪيئن ان کي ھلائجي ۽ ڪيئن ان کي وڌائجي. ڪمپني جي سوين ريسٽورنٽن ۽ ھوٽلن تائين وڌڻ جي باوجود ھي ھر سال گھٽ ۾ گھٽ چار دفعا ھر ھوٽل ۽ ريسٽورنٽ کي خود چڪاسيندو ھيو.

اولاد[سنواريو]

ميريئٽ کي ايلس مان ٻہ پٽ ھيا جن مان بل ميريئٽ ھن وقت ڪمپني جو ايگزيڪيوٽو چيئرمين ۽ بورڊ آف ميريئٽ انٽرنيشنل جو چيئرمين آھي. ٻيو پٽ رچرڊ ميريئٽ اٿس جيڪو ھوسٽ ھاسٽلن ۽ رزارٽس جي بورڊ جو چيئرمين آھي .[4]

ورثو[سنواريو]

موت[سنواريو]

1935 ۾ ھن کي لمفوما (انگريزي: lymphoma) ھجڻ جي تشخيص ٿي ۽ کيس ٻڌايو ويو ته هن جي زندگي ڇھ مھينن کان مٿي نہ آهي. ھني بچي ويو ۽ 1985 تائين زنده رھيو.

حوالا[سنواريو]

  1. "Bill Marriott—Big Time Restaurant Man" آرڪائيو ڪيا ويا 2016-01-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. from The Scroll of Phi Delta Theta, 1949, Volume 73, No. 3, Page 165
  2. Marriott Culture - Company Heritage | J. Willard Marriott
  3. Site Plan for Former Twin Bridges Site County Board Agenda Item, October 15, 2005, Arlington County Government Website
  4. [1] آرڪائيو ڪيا ويا May 10, 2009, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.