مواد ڏانھن هلو

جاء وڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جاءِ وڻ (عربي: ظيان، فارسي: ياسمين، هندي/اردو وغيره: چنبيلي، روان ۽ جوهي) وڻ عشق پيچ جي ول وانگيان پکڙندڙ ۽ گل ان جو اڇو خوشبودار ٿيندو آهي، هن جو گل دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو، جگر ۽ معدي کي تقويت ڏئي ٿو، وات کي خوشبودار ڪري ٿو، مني ۽ قوت باھ کي وڌائي ٿو.

اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: غشيءَ کي پيدا ڪري، ميل: گل بنفشو، عيوض: اڇو گل، وزن: هڪ تولو.

وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت، پيشاب جي گهڻائي، کنگهہ، مٿي جو سور، ٻرهل، رحم جي رطوبت، مثاني ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي. نزلي کي خشڪ ڪري ٿو. گرميءَ کان مٿي ۾ سور پوي تہ هن جا گل سنگهڻ گهرجن، پن ۽ پاڙ ڪاڙهي پيارجي تہ اُلٽين کي روڪيندو، کنگهه دمڪشي کي فائدو ڪندو، چٽيءَ وار چري جي جاين تي مهٽجي ته داغ صفا ٿي ويندا.[1]

Clematis tangutica.

حوالا

[سنواريو]
  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو