تڪرار روڪ عمل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

تڪرار روڪ عمل يا ڪانفلڪٽ پريوينشن (Conflict Prevention) سفارتڪاريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ اصطلاح آهي، ڪنهن تڪراري صورتحال کي ڏاڍ جهيڙي ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ، يا جنگ جي ٻيهر امڪان کي روڪڻ ۽ ڌُرين وچ ۾ جهيڙي کان بچائڻ جي حوالي سان مُختلف معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي. سفارتڪاريءَ ۾ تدارڪي سفارتڪاري (Preventine Diplomacy) يا ”تڪرار کي روڪڻ“ (Crisis Prevention) جهڙن اُپائن ذريعي، ٻن ڌُرين کي وڏي تباهيءَ ۽ هاڃي کان بچائڻ جي جاکوڙ ڪئي ويندي آهي. انهن اپائن سبب، عام طور ساڳيائپ ڀري صورتحال (Status-quo) پيدا ٿي پوندي آهي ۽ مُلڪن وچ ۾ جنگين وغيره ۾ ماٺار اچڻ سان گڏ، ادارتي سطح تي رابطا ڪاري ڪرڻ، ڳالهه ٻولهه جي عمل کي جيئارڻ ۽ تڪراري ڌُرين جي حصي پتيءَ تي سهمتي پيدا ٿيڻ لڳندي آهي. ”تڪرار روڪ“ واري عمل لاءِ ضروري آهي. ته سڀ کان پهرين تڪرار بابت ڄي معلومات حاصل ڪري، اُن جي مُناسب ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي ۽ اهڙي حڪمت عملي جوڙي وڃي، جنهن سان تڪرار جو حل ۽ ٽياڪڙيءَ لاءِ سازگار ماحول جُڙي سگهي. حقيقتون معلوم ڪرڻ (Fact Finding) رابطاڪاري، مشورا، چڪاس، رپورٽون ۽ حالتن تي نظر رکڻ وارا پهلو، ان سلسلي ۾ انتهائي ڪارائتا ثابت ٿيندا آهن. اهي تڪراري معاملي بابت مُناسب وقت ۽ موقعي جي فراهمي ٿيڻ جوڳو بڻائيندا آهن. ڪنهن به تڪرار کي ضابطي ۾ ڪرڻ لاءِ، رڳو اخلاقي هدايتون ڪرڻ ۽ زميني حالتن، سيڪيورٽي مفادن، پناهگيرن جي ڏُکيائن کي ڪارڻ ۽ دليل طور اختيار ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، پر ان ڏس ۾ ٽيڪنيڪل ۽ انساني صلاحيتن کان گهربل مدد وٺڻ، تڪرار جي نتيجن تي نظر وجهڻ، سماجي رابطن ۾ تيزي آڻڻ ۽ علاقائي سلامتيءَ وارن رخن تي غور ڪرڻ به ڏاڍو ضروري آهي. عام طور تي تڪرار کان بچڻ جو عمل هڪ ذميواريءَ بدران مرحلي طور بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان معاملي ۾ بين الاقوامي تنظيمون توڙي اڻ-ڌريون رياستون، صورتحال جي تقاضا مطابق هنگامي سنجيدگي نٿيون ڏيکارين. ان ڪري ضروري آهي، ته تڪراري رياستن اندر موجود ڌُريون وڌيڪ وڏ-پڻي جي جذبي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جاکوڙين، ته جيئن تڪرار چاهيندڙ رياست تي اندروني طور به دٻاءُ وجهي سگهجي. ان دٻاءَ سان حُڪومتي حلقا هڪدم هوشيار ٿي وڃن ٿا ۽ عوامي دٻاءُ کي نظر انداز ڪرڻ جي نتيجن تي ويچار ڪندي، هاڪاري فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا. ان حوالي سان تڪراري معاملن تي نظر وجهڻ سان، ان ڳالهه جي اهميت پاڻ وڌيڪ چٽائيءَ سان ثابت ٿي وڃي ٿي. صوماليا وارو بُحران ان ڏس ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ 1990ع ۾ ئي بين الاقوامي برادريءَ کي صوماليا ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال کان آگاهي هُئي، پر ان بحران جي خاتمي ۾ لاپرواهيءَ ۽ سستيءَ ڪارڻ، پوءِ جيڪا انساني جانين توڙي معيشيت جي حوالي سان ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي، اُن دُنيا جي مڙني ادارن ۽ حلقن کي ڇرڪائي ڇڏيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد