تڪافل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
تڪافل درحقيقت ھڪ سوشل انشورنس اھي

تڪافل(انگريزي: Takaful) عربي ٻولي: التكافل جنھن جو ترجمو يڪجهتي يا گڏيل گرنٽي بہ ڪيو ويندو آهي[1]نقصان جي صورت ۾ رقمن جي واپسي يا ادائگي جو مددگار يا سھڪاري نظام آھي جيڪو اسلامي يا شرعي اصولن جي روشني ۾ وضع ڪيو ويو آهي جيڪو روايتي ويمي جو نعم البدل آھي. تڪافل جي حامين جو خيال آهي تہ ويمي ۾ ربا يا وياج شامل آھي تنھن ڪري حرام (prohibited) آهي[2]تڪافل ۾ ماڻھو يا ڪمپنيون خطرن جو فڪر رکن ٿيون ۽ نقصان جي صورت ۾ شامل ميمبرن جي باقاعده مدد ۾ رقم جي ترت ادائگي ڪندا رھن ٿا. ان سموري مرحلي جي نگراني تڪافل جو آپريٽر ڪندو آهي[3] 2011 جي آخر تائين تڪافل انڊسٽري ۾ 12 ارب ڊالرن تائين سيڙپ ٿي چڪي هئي ۽ 2017 ۾ ان جي حد 20 ارب ڊالرن تائين ٿيڻ جي پيشنگوئي ڪئي وئي ھئي.[4]1965 ۾ مڪي ۾ فقه جي عالمن تڪافل کي انشورنس يا ويمي جو نعم البدل قرار ڏنو. پاڪستان ۾ مفتي محمد شفيع انشورنس جي بدلي ۾ وقف تي مشتمل تڪافل جو نظام متعارف ڪرايو. 1979 ۾ اسلامڪ انشورنس ڪمپني آف سوڊان وجود ۾ آئي جيڪا پھرين باضابطه تڪافل واري ڪمپني ھئي. ملائيشيا ۾ مھاتير محمد جي دؤر ۾ 1983 ۾ اسلامي بينڪاري نظام سان گڏوگڏ تڪافل جو نظام بہ شروع ٿيو جنھن بعد ان کي وڏو فروغ مليو ۽ ھن وقت دنيا ۾ 50 کان مٿي تڪافل واريون انشورنس ڪمپنيون رجسٽر ٿيل آھن[5].

نالي جي معني[سنواريو]

تڪافل عربي زبان جو لفظ آهي جيڪو ڪفالت مان نڪتل آهي ۽ ڪفالت ضمانت ۽ سارسنڀال کي چوندا آهن۔ ٻين لفظن ۾ پاڻ ۾ ھڪٻئي جو ضامن بڻائڻ ۽ ھڪٻئي جي سار سنڀال ڪرڻ کي تڪافل چئبو آهي.[6]

’تڪافل‘ جو بنیاد ڀائيچارو، امدادِ باھمی ۽ ’تبرع‘جي نظرئي تي آهي، جيڪو شریعت جي نظر ۾ پسندیدہ آھي. جدید دؤر ۾ تڪافل کي روایتي انشورنس جي متبادل طور تي بطور اسلامي انشورنس استعمال ڪيو پيو وڃي۔ ھن نظام ۾ سمورا ميمبر پاڻ ۾ رسڪ شیئر ڪندا آهن ۽ آھي باھمي مدد ۽ ڀائيچاري سان مقرر اصولن ۽ ضابطن تحت امڪاني مالي خطرن کان محفوظ ٿي ويندا آهن . تڪافل ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح وياج جو عنصر شامل نہ ھوندو آھي. تڪافل جا ٻہ قسم ھوندا آھن:


قرآن ۽ سنت میں تڪافل جو تصور[سنواريو]

تڪافل جو تصور نئون نہ پر قرآن ۾ ۽ حديث ۾ موجود آهي. قرآن ڪريم ۾ الله تعالي جو فرمان آهي ته:

وَ تَعَاوَنُوْا عَلَی الْبِرِّ وَ التَّقْوٰی(المائدہ 5:2)

ترجمو: نیڪي ۽ تقویٰ جي ڪمن ۾ ھڪٻئي سان سھڪار ڪريو۔

اِِنَّمَا الْمُؤْمِنُوْنَ اِِخْوَۃٌ (الحجرات 49: 10)

ترجمو:مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن۔

ان سھڪار ۽ ڀائيچاري جي ضرورت آهي تي مسلمان ھڪٻئي جي مدد ڪن اھڙي طرح اھو تڪافل جو بنياد آھي. ھڪ اصحابي نبي ڪريم صہ کان پڇيو تہ اي الله جا رسول صہ مان پنھنجي اٺ کي کي ٻڌي الله تي توڪل ڪيان يا ان کي ڇڏي ڏيان ۽ پوء الله تي توڪل ڪيان؟ پاڻ سڳورن فرمايو تہ ايئن نہ ڪر ، بلڪہ پھرين اٺ کي ٻڌ ۽ پوء الله تي توڪل ڪر.(جامع ترمذي، 2771)

تڪافل جو طريقو[سنواريو]

تڪافل جي نظام ۾ ڪمپني جي حيثيت وڪيل يا مينيجر واري ھوندي آھي، ان ۾ سڀ کان اول ڪمپني جا حصيدار ڪجھ رقم وقف ڪندا آهن جنھن مان حصيدارن جو تڪافل فنڊ(انگريزي: Participant's Takaful Fund) يا PTF قائم ڪيو ويندو آهي جنھن مان حصيدارن جي حيثيت وقف ڪندڙن واري ھوندي آھي ۽ مالڪ نہ رھندا آھن پر ان وقف مان ملندڙ فائدي ۾ حصيدار ھوندا آھن.

تڪافل جا اصول[سنواريو]

نظرياتي طور تي تڪافل ھڪ امداد باھمي وارو ڌنڌو يا باھمي ويمو آھي جنھن ۾ ميمبر ھڪ مشترڪ بچت ۾ پيسا وجھندا ويندا آهن. ان جو مقصد نفعو ڪمائڻ نہ پر ھڪٻئي جا بار کڻڻ ھوندو آھي. تڪافل جا ھيٺيان اصول آهن:

  • ويميدار(انگريزي: Policyholders) ھڪٻئي جي ڀلائي لاءِ ھڪٻئي جي مدد ڪندا آهن[7]
  • ويميدار جون ادائيگيون فنڊ جي اندر چندو سمجھيون وينديون آهن[7]
  • ھر ويميدار پنھنجي طرفان چندو ڏيندو رھندو آھي تہ جيئن ان مان ٻين جي مدد ٿيندي رھي.[7]
  • نقصانن کي تقسيم ڪري ان جون ذميواريون سڄي برادري تي رکيون وڃن ٿيون.[7]
  • چندي ۽ معاوضي جي باري ۾ غيريقيني واري ڪيفيت کي خاتمو.[7]
  • تڪافل اھڙو ڪو بہ فائدو نہ ڏيندو آھي جنھن جو بنياد ڪنھن ٻئي جو نقصان ھجي. فائدو نہ رسائبو آھي.[7]

فقه جا عالم[سنواريو]

فقه اڪيڊمي جي ڊسمبر 1985 ۾ ٿيل ٻئي اجلاس ,[8] ۾ روايتي واپاري ويمي کي حرام قرار ڏنو پر ساڳئي وقت سماجي ويمي(انگريزي: social insurance) کي جائز قرار ڏنو.[9]

روايتي ويمي جي خلاف دليل[سنواريو]

اسلامي عالمن پھريون دفعو اڻويھين صدي جي آخر ۾ روايتي واپاري ويمي کي حرام قرار ڏيڻ شروع ڪيو[10] قدامت پسند علم(انگريزي: Orthodox) جو خيال آهي تہ ڪمرشل انشورنس ان ڪري منع ڪئي وئي آهي جو ان ۾ غير يقيني حالت، جوئا ۽ وياج جا عنصر شامل آهن[2]

رواجي انشورنس جي حق ۾ دليل[سنواريو]

عالمن جي اقليت جو خيال آهي تہ ويمي ۾ جوئا جو عنصر شامل ناهي ڇاڪاڻ تي جوئا ۾ خطري جي ڪا حفاظت ناھي نہ ئي وري نقصان ۾ مدد ٿئي ٿي.[1][11] جڏھن ويميدار کي پاليسي پوري ٿيڻ تي پئسا ملندا آهن تہ ھو کٽيندڙ نہ بلڪہ معاوضو وصول ڪندڙ ھوندو آھي.[11]شمارياتي طريقن ۽ سائنس اھڙا مرحلا پيدا ڪيا آهن جن ۾ غيريقيني ختم ٿي وڃي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 Khan, What Is Wrong with Islamic Economics?, 2013: p.403
  2. 2.0 2.1 Khan, What Is Wrong with Islamic Economics?, 2013: p.402
  3. Ajmal Bhatty, President & Chief Executive Officer, Tokio Marine Middle East, Takaful Summit 2011.
  4. "Global Takaful premium to reach $20 billion by 2017". Gulf News Banking. April 13, 2015. http://gulfnews.com/business/sectors/banking/global-takaful-premium-to-reach-20-billion-by-2017-1.1491084. Retrieved 10 August 2016. 
  5. ڪتاب : جدید مالیاتی ادارے: فقہ اسلامی کی روشنی میں ؛مصنف: مولانا خالد سیف اللہ رحمانی؛ ناشر: کتب خانہ نعیمیہ، دیوبند، سہارنپور، یو پی۔
  6. تکافل: ایک تعارف تصنیف زاہدحسین اعوان
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 7.4 7.5 "About Takaful Insurance". takaful.coop. International Cooperative and Mutual Insurance Federation. وقت 13 October 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 August 2016. 
  8. "RESOLUTIONS AND RECOMMENDATIONS Of THE COUNCIL OF THE ISLAMIC FIQH ACADEMY 1985- 2000" (PDF). uaelaws.files. 
  9. El-Gamal, Islamic Finance, 2006: p.147
  10. el-Gamal, Mahmoud A. (2006). Islamic Finance : Law, Economics, and Practice. New York, NY: Cambridge. p. 61. ISBN 9780521864145. http://iugc.yolasite.com/resources/Reference%20Book%2004%20-%20Islamic%20finance,%20law%20economics%20and%20practice,%20M.%20El%20Gamal.pdf. 
  11. 11.0 11.1 Jamaldeen, Islamic Finance For Dummies, 2012: p.295