تهران ڪانفرنس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تهران گڏجاڻي يا تهران ڪانفرنس (Tehran Conference) ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دؤران 28 نومبر کان ڊسمبر 1943ع ۾ ايران جي گادي جي هنڌ تهران جي سوويت سفارتخاني ۾ ٿي گُذري، جنهن ۾ برطانوي وزير اعظم ونسٽن چرچل، آمريڪي صدر روز ويلٽ ۽ روسي پريميئر جوزف اسٽالن شرڪت ڪئي. هڪ گڏيل بيان ۾ ٽنهي ملڪن جي نمائندن دنيا جي ٽنهي ملڪن ننڍين ۽ وڏين رياستن کي نئين ٺهندڙ بين الاقوامي تنظيم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. گڏيل قومن جي اداري (UNO) ٺهڻ ۾ هن ڪانفرنس کي اهم سمجهيو ويندو آهي. ان کان سواءِ هن ڪانفرنس ۾ هڪ معاهدي تي صحيون پڻ ٿيون، جنهن مطابق نازي جرمنيءَ جي قبضي هيٺ آيل فرانسيسي علائقي جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ۽ جرمنيءَ خلاف آپريشن شروع ڪرڻ بابت وقت جو تعين ڪرڻ کان سواءِ، اتحادي قوتن جي جنگي حڪمت عمليءَ بابت سهمت پيدا ڪرڻ هُئو.ان کان سواءِ اولهه يورپ ۾ جرمنيءَ خلاف نئون محاذ کولڻ به هن ڪانفرنس جي مقصدن ۾ شامل هو. هن ڪانفرنس جي نتيجي ۾ ايران کي پڻ مُختلف قسمن جا فائدا مليا. [1]

حوالا[سنواريو]