تلا شاهه جو قبرستان


تلا شاھ جو قبرستان انگريزي (Tilla Shah graveyard) سنڌ جي ضلعي سانگهڙ جي ڄام نواز علي تعلقي ۾ ننڍڙي ڳوٺ نئون آباد جي پرسان پنهنجي شاندار تاريخ سان موجود آهي.[1][2]
محل وقوع[سنواريو]
هيءُ ماڳ ڄام نواز علي شهر کان اٽڪل 6 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي. ماڳ ڏانهن هڪ لنڪ روڊ وڃي ٿو جيڪو تباهه حال آهي.[1]
فريسڪو نقش نگاري[سنواريو]
تلا شاهه جي قبرستان ۾ ليلى مجنون، سسئي پنهون جون ڪهاڻيون ديوارن تي سينگاريل آهن. ان کان علاوه مقبرن جي ديوارن تي اشاندار گلڪاري، اسلامي ۽ مغل آرٽ جي اثر هيٺ سنڌي اسڪول آف آرٽ ذريعي مهارت سان فريسڪو پنٽنگ جون ڊزائنون ۽ ڪليگرافي سينگاريل آهي.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ 1.0 1.1 1.2 Kingrani, Aziz. "HERITAGE: THE CRUMBLING TOMBS OF TILLA SHAH". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-02-12.
- ↑ "Tilla Shah Tombs". pk.geoview.info. حاصل ڪيل 2019-02-12.