تعميہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تعميه __(Tamia):

تعميه جي اصطلاحي معنيٰ آهي تاريخ جي عدد کي درست ۽ برابر ڪرڻ ، ماده تاريخ پوري مصرع ۾ هجي يا فقري ۾، پر جيڪڏهن ڪجهه عدد گهٽ هجن ته ڪو حرف انهيءَ عدد جو ملائي ڇڏبو آهي ته اها ڪمي پوري ٿي ويندي آهي. انهيءَ عدد وڌائڻ کي ”تعميه“ چون ٿا. مثال: پڙهي جو ڏٺو مون بياضِ نظامي چيم آهه هي ڄڻ رياضِ نظامي پڇيم عيسوي سال دل کان چيو دل بحمدالله چئي بياض نظامي بياض نظامي جو عدد 1814 نڪري ٿو، جنهن ۾ بحمد الله جا 120 عدد ملائبا ته عيسوي تاريخ 1934 نڪرندو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي