تشبيب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تشبيب __(Tashbeeb):


تشبيب بنيادي طور قصيدي جو پهريون حصو آهي. تشبيب عربي لفظ ”شب“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’جوان ٿيڻ‘. اصطلاحي معنيٰ موجب ڪنهن جي جوڀن جو تذڪرو ڪرڻ يا ڪنهن جي حسن ۽ انگن جي تعريف ڪرڻ. شاعراڻي اصطلاحي معنيٰ موجب مدحيه قصيدي ۾ممدوح جي مدح کان اڳ عشقيه ، بھار جي موسم، حسن ۽ جوڀن جهڙن مضمونن بابت شعرن کي يا قصيدي جي شاعرانه تمهيد کي تشبيب چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته عربي قصيدن ۾ سونهن سوڀيا ، جوڀن ۽ پيار ۽ محبت جو ذڪر عام هوندو هو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي