مدح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مدح يا مداح(انگريزي: Madah ) جي معنيٰ آهي ”ساراهه“ يا واکاڻ[1]. سنڌ ۾ مداح جو شعر ايڏو ته مقبول اھي جو مسجدن، مدرسن، درگاھن، خوشين جي موقعن، شادين ۽ عيدن وغيره تي پڙھيون وينديون اھن[1]. مداح ۾ پاڻ ڪريمﷺ ۽ اصحابن سڳورن يا ڪن بزرگ ھستين جي شان ۾ ساراھ يا تعريف ڪئي ويندي اھي، جيڪا ڪنھن دنياوي طمع سببان نه پر خالص دلي محبت ۽ عقيدت سان ڪئي وڃي ٿي[1]. مداحون علم عروض جي قاعدي مطابق چيون وينديون اھن. ڪي مداحون الف اشباع واري طرز تي چيل اھن[1]. سنڌي زبان جو پھريون مدح خوان جمن چارڻ (1668-1738ع)ٿي گذريو اھي[1]. اھو هڪ عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ‘تعريف‘ آهي۔ هي هڪ شاعري جي صنف آهي ۔ هن جا چار قسم آهن۔ اهي حمد، نعت، منقبت ۽ مدح آهن۔

مدح ۽ واکاڻ ۾ فرق[سنواريو]

سنڌي نثر يا شاعري ۾ ھڪ ٻيو لفظ واکاڻ (Eulogy) پڻ شامل آهي جيڪو لکڻ ۾، تقرير ۾ يا شاعريءَ ۾ ڪنهن جي واکاڻ يا خوشامند ڪرڻ واري عمل لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي[1]. واکاڻ جو اصطلاح مدح کان مختلف آهي، ڇو تہ مدح سنجيدي ۽ سچي تعريف هوندي آهي ۽ مدح ڳائبي آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ-

سانچو:سنڌي شاعري