تر (ٻج)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تِرن جي پوک

تِر ھڪ تَيلي ٻج آھي جنھن مان تيل ڪڍيو ويندو آھي. ھن جا گل بعضي اڇا، بعضي ڳاڙها آھن. تر جا ٻج اڇا بہ ٿيندا آهن ۽ ڪارا بہ. پاڪستان ۾ ٻج جولاءِ ۾ يا اڳڀرو خريف جي ٻين فصلن سان گڏ پوکبو آهي. هن کي هندستانيءَ ۾ تِل، انگريزيءَ ۾ سيسيمم ۽ عربيءَ ۾ سمِ سمِ چون ٿا.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
  2. "تِر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-08-25.