ترنج

| Lemon | |
|---|---|
| A fruiting lemon tree. A blossom is also visible. | |
| سائنسي درجا بندي | |
| ڪنگڊم: | Plantae |
| (unranked): | Angiosperms |
| (unranked): | Eudicots |
| (unranked): | Rosids |
| ترتيب: | Sapindales |
| خاندان: | Rutaceae |
| نسل: | Citrus |
| جنس: | C. limon |
| حياتياتي نالو | |
| Citrus limon (L.) Osbeck | |
ترنج (Bergamot Orange) نارنگيءَ جو قسم آهي ۽ ليمي جي ذات مان چئبو. هي تمام کٽو ٿو ٿئي. هن کي هندستاني ماڻهو چڪوترا، بيگ پورا ۽ ڪڙوا نيبو به چوندا آهن. هن جي اندرين ڳر نارنگيءَ وانگي ٿئي ٿي ۽ ٻاهرين کل به گهُنجن واري ٿئي ٿي، مگر هي قد جا وڏا ٿين ٿا. ڪي ڪي ته شتر مرغ جي آني جيڏا ۽ ڪي هڪ فوٽ ڊگها ٿيندا آهن.هي گهڻو ڪري چهنبيارا ٿيندا آهن. هي مربي ۽ آچار جي ڪم ۾ ايندا آهن. هن جو هڪڙو قسم ته ماڻهوءَ جي هٿ جي چنبي جهڙو ٿيندو آهي، جنهن جون آڱريون ڪرونڊڙيون هجن. اهو اُتر الهندي وارن پرڳڻن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. هن جي کل سُرهي ٿئي ٿي.
ترنج ٻج مان به ٿيندو آهي، اک هڻڻ ۽ پيوند ڪرڻ سان به. آسام ۾ هيئن ڪندا آهن، جو زمين ۾ ڪو ڪُنو يا دلو کوڙي، جنهن ٽاريءَ ۾ ترنج هوندو آهي، سا نوڙائي ترنج ان ۾ وجهي ڇڏيندا آهن، جڏهن اهو اڃا ننڍو هوندو آهي. انهيءَ ڪري چون ته ترنج تمام وڏي قد جو ٿو ٿئي، اهڙو جو انهيءَ ٿانو کي ڀڃي ڪڍڻو ٿو پوي ۽ منجهانئس خوشبوءِ به گهڻي ٿي نڪري. ترنج کي انگريزيءَ ۾ ليمن چوندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو