ترقي پسند رابطن جو سرشتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ترقي پسند رابطن جو سرشتو (Taraqi Pasand Raabitan Jo Sirishto) يا ائسوسيئيشن فار پروگريسو ڪميونيڪيشن (Association for Progressive Communication APC) ويهه هزار ميمبرن کان وڌيڪ انگ تي ٻڌل باشعور ۽ سمجهدار انسانن جو عالمي سطح تي ٺهيل حلقو آهي، جيڪو برقياتي رابطن ( انٽرنيٽ (ڳنڍڄار)، مواصلاتي سهولتن ۽ تعميرات ) ذريعي سڄي دُنيا ۾ امن، ماحولياتي بهتري، انساني حقن جي حفاظت ۽ پائيدار ترقيءَ جو خواهشمند آهي. اهو حلقو خاص طور ”گڏيل قومن“ جي تنظيم کي وڌيڪ جمهوريت پسند ۽ عالمي سطح تي ڀلائي ڪندڙ اداري طور ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ چاهي ٿو. 1990ع ۾ قائم ٿيل هيءُ حلقو تبديل ٿيندڙ بين الاقوامي حالتن ۾ ”گڏيل قومن“ کي ويٽو پاور رکندڙ چند رياستن جي رحم ۽ ڪرم يا برتريءَ هيٺ نه، پر سڄي دُنيا جي رياستي توڙي غير رياستي ڌُرين جي مرضيءَ مطابق مساوات ۽ انصاف جي بُنيادن تي گڏيل عالمي سرشتي طور هلائڻ واري خيال جي حمايت ڪري ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد