تذڪيہ جذبات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تذڪيه جذبات __(Catharsis):


پيڙا، ڏک، روڳ، انسان جي اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائين ٿا، جن کي اندر مان نچوئي ڪڍڻ واري عمل کي ”ميلاهڻ“ يا ”ڪٿارس“ چئبو آهي. ڪٿارسس جو اصطلاح سڀ کان پهرينارسطو پنهنجي ڪتاب Poetics ۾ الميه ڊرامي لاءِ استعمال ڪيو هو. يعني اهو عمل جنهن سان الميه ڊرامي جي دردناڪ پڄاڻي ٿئي ۽ ڊرامي جو ڏسندڙ هيرو جي غم کي ڏسي روئي پنهنجا غم هلڪا ڪري ڇڏي، مطلب ته ميلاهڻ کان پاڪ ڪري ڇڏي. هر آرٽ پنهنجي ذات ۾فنڪار جو ڪٿارسس آهي، جنهن کي وجود ڏئي تخليقڪار اصل ۾ پنهنجي اندر کي ملال ۽ مير کان اجرو رکي ٿو ۽ اهو فن پيدا ڪري ٿو، جيڪو اندر جو اوٻر، تذڪيه جذبات يا ڪٿارسس هوندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي