تجويد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تجويد (Tajveed) تجويد لغت ۾ بهترين پڙهڻي کي چيو ويندو آهي. قرآن شريف جي حرفن کي صحيح اچار سان پڙهڻ جي فن کي ”تجويد“ چئجي ٿو. هن فن جون ٽي صورتون آهن. (1) ترتيل، (2) حذر، ۽ (3) تدوير. ترتيل ۾ لفظن کي آهستگيءَ سان مطلب سمجهندي ادا ڪبو آهي. حذر جلدي ۽ تيزيءَ سان پڙهڻ کي چيو ويندو آهي ۽ تدوير جو مطلب آهي اعتدال سان يعني وچٿري نموني سان پڙهڻ ، جنهن ۾ نہ تيزي هجي ۽ نہ ئي آهستگي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.