تجسيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شباهت ڪاري يا تجسيم (Personification) شاعريءَ يا نثر جي ڪنھن بہ صنف ۾ بي جان شين کي انساني روپ ڏيڻ يا خصوصيتن جي شباهت ڏيڻ کي چئجي ٿو. انھن سان ڳالھائڻ يا انھن کان ڳالھرائڻ ۽ انھن کي مخاطب ٿيڻ جي عمل کي تجسيم چئبو آهي.[1]

جيئن:

ڏنگر مون نہ ڏکوءِ، آءٌ اڳ ڏکوئي آهيان يا آڏو ٽڪرَ ٽر! (شاھ)
ڏکي ڏونگر پاڻ ۾، ٻيئي ويٺا رون، ڪنھن کي ڪين چون، منجهن جو پريتڻو (شاھ)

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.