تاج بانو براھوئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تاج بانو براهوئي پهرين جنوري 1915ع تي ڳوٺ دين پور شريف، تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ علامه حاجي براهوئي دينپوري جي گهر ۾جنم ورتو.[1]

تعليم ۽ خدمتون[سنواريو]

هن ابتدائي ديني تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي. مڪمل طور تي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ِوالد صاحب سندس شادي ڪرائي، جيئن ته سندس والد بزرگ جيد عالم، اديب ۽ شاعر هو، ان ڪري تاج بانو به شاديءَ کانپوءِ ديني ۽ ادبي ڪمن ۾ اڳڀري ٿي. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ عورتن جي لاءِ ’مدرسه اسلاميه البنات براهوئيه دين پور‘ نالي هڪ مدرسو قائم ڪيو، جتي نياڻين ۽ عورتن کي تعليم ڏيڻ لڳي. تاج بانو جا سنڌي، براهوئي، بلوچي، فارسي ۽ اردو ٻولين ۾ اٽڪل پنجاهه ڪتاب لکيل آهن. هن پنهنجي ڳوٺ دين پور شريف ۾ پنهنجي مدرسي مان ادبي ديني درس ۽ تدريس لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ مدرسه اسلاميه البنات براهوئيه دين پور، جي ڪورس ۾ شامل ڪيائين. سندس پهريون ڪتاب ’تاريخ النسوان‘ (حصو پهريون) 1353ھ/1934ع ۾ تاج بانو جي براهوئي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل ڪتابن ۾ ’تواريخ النسوان‘ (حصو پهريون) 1353ھ/1934ع ۽ ’تواريخ النسوان‘ (حصو ٻيو) 1354ھ/1935ع شامل آهن. ان کان علاوه سندس ڪيترائي اڻڇپيل ڪتاب آهن. وٽانئس ڪيتريون ئي نياڻيون علم واري زيور سان آراسته ٿيون.[1]

خاندان[سنواريو]

تاج بانو جي شادي سندس ويجھي عزيز مولانا جلال الدين پندراڻي سان ٿي هئي، جنهن مان کيس ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سندس اها نياڻي به پنهنجي وقت جي سٺي اديبه ۽ شاعره هئي، جا خليفه جي نالي سان مشهور هئي، جنهن جو اصل نالو امت الواجد هو. هوءَ به پنهنجي امڙ سان هر موڙ تي ديني ۽ ادبي خدمتن ۾ شامل رهندي هئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.