بڪي

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

انساني جسم ۾ ٻه بڪيون (Kidney) ٿين ٿيون، جيڪي جسم جي پُٺ جي اندرئين پاسي واري ڀت سان منسلڪ آهن. هرهڪ بڪي رانهين (Bean) وانگر ٿئي ٿي. اِن جو ٻاهريون ڏيک اڀريل گولائي وارو (Convex) ٻاهر طرف ۽ا ندريون دٻيل گولائيءَ وارو (Concave) -پاسو- ڪرنگهي جي طرف ٿئي ٿو. بڪي تقريباً ساڍا چار -انچ- ڊگهي ۽ ٻه -انچ- ويڪري هوندي آهي. ساڄي پاسي واري بڪي، کاٻي پاسي واريءَ بڪيءَ کان ٿوري مٿي هوندي آهي. هرهڪ بڪيءَ جي دٻيل يا ڪانڪيو (Concave) پاسي مان هڪ نالي نڪري ٿي، جنهن کي ’يوريٽر‘ (Ureter) چئبو آهي. يوريٽرِ هيٺ وڃي مثاني ۾ کلندو آهي. بڪين مان پيشاب يوريٽر وسيلي مثاني ۾ ايندو آهي ۽ جڏهن مثانو پيشاب سان لڳ ڀڳ ڀرجي ويندو آهي ته پيشاب لڳندو آهي.

بڪيون انسان جي جسم ۾ پيٽ ۾ پوئين پاسي ڀوري ناسي رنگ جون راهين جي ٻج جي شڪل جهڙيون پٺيءَ جي ڪنڊي جي ٻنهي پاسي ٿين ٿيون. ساڄي بڪي کاٻي بڪيءَ جي ڀيٽ ۾ ٿورڙو هيٺ هوندي آهي، بڪيون اسان جي جسم مان غير ضروري ۽ بيڪار مادن کي ٻاهر خارج ڪن ٿيون، بيڪار مادن جي نيڪال ۾ انهن جي تمام وڏي اهميت آهي، اصل ۾ جسم مان بيڪار ۽ غير ضروري شين جو نيڪال ايترو ئي اهم آهي، جيترو جسم لاءِ ضروري شين جو پهچڻ. بڪيون اهو ڪم نهايت سهڻي طريقي سان سرانجام ڏين ٿيون. اهي غير ضرروري ۽ بيڪار شين کي پيشاب جي شڪل ۾ ٻاهر ڪڍنديون رهن ٿيون.

بڪين جي چوڌاري هڪ غلاف نموني ڪيپسول هوندو آهي، جيڪو آسانيءَ سان لهي سگهندو آهي. هن غلاف ۾ هلڪي سليٽي رنگ جي بڪي ويڙهيل ٿيندي آهي. هر هڪ بڪيءَ جي ٻاهرين حصي ۾ رت جون وار نليون ننڍڙا ڇڳا ٺاهين ٿيون، جيڪي هڪ نازڪ جهلي ۾ ويڙهيل بال جهڙي شڪل اختيار ڪنديون آهن، جن کي گلو ميرولائي چئبو آهي. جسم جي ٻين سڀني عضون جي مقابلي ۾ بڪين جي هر گهڙيءَ مان سڀ کان وڌيڪ رت گذرندو آهي، انهن گلو ميرولائي ۾ رت جو داٻ وڌيڪ هئڻ ڪري رت مان پاڻي ڇاڻڻ وسيلي بومين ڪيپسول ۾ داخل ٿي مڙيل ٽيوبن ۾ هلڻ لڳندو آهي، ٽيوبن جي پاسي واريون وار نليون ان مان ضروري لوڻ ۽ فالتو پاڻي واپس رت ۾ ڇڪي وٺنديون آهن ۽ باقي پيشاب رهجي ويندو آهي، جيڪو گهاٽو ٿي مثاني ڏانهن اچي ٿو. سنهڙين نلڙين ۾ موجود پاڻي واپس رت ۾ موڪلي بڪيون جسم کي مناسب گهميل رکڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پگهر اچي ٿو پر اهو وڌيڪ پاڻي نه پيئندو هجي ته بڪيون پاڻ مرادو وڌيڪ پاڻي رت ۾ موٽائينديون آهن، بڪين جون اهي نالڙيون رت ۾ تيزاب جي مقدار کي به ڪنٽرول ڪن ٿيون، جيئن ته رت کاري (پي ايڇ = 704) هوندي آهي ۽ خراب مادا وڌيڪ تيزابيت پيدا ڪندا آهن، جنهن ڪري بڪيون انهن کي جلدي خارج ڪنديون آهن ۽ انهيءَ طريقي سان رت جو کاراڻپڻو قائم رهي ٿو.

بڪين جون وار نلڙيون جسم ۽ رت ۾ زهريلي دوائن، فالتو لوڻن ۽ جراثيمن جي زهر ۽ باقي مادن وغيره کي به خارج ڪنديون رهن ٿيون، اهي تمام ننڍڙيون وار نلڙيون هر بڪيءَ جي اندروني حصي ۾ گڏجي وينديون آهن، پيشاب اتان هيٺ ٻن نالين ۾ وڃي ٿو. انهن کي يوريٽر يعني پيشاب ناليون چئبو آهي. اهي ٻنهي پاسي بڪين مان پيشاب کي مثاني تائين پهچائين ٿيون، اهي ناليون پيٽ جي پوئين ڀت سان گڏوگڏ مثاني جي پوئين پاسي وڃي کلن ٿيون، مثاني جو ڪم پيشاب گڏ ڪرڻ آهي، جتان خواهش مطابق ٻاهر خارج ڪيو وڃي ٿو. [1] [2]

  1. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Science_n_Tech/Book2/Book_page1.html
  2. ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا