بٺي ٿاڻو عارب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڌاتو پاھڻي دور جو ھي ماڳ ٿاڻي عارب خان (-تعلقو- بولا خان، ضلعو ڄامشورو) جي ڀرسان ھڪ ڍوريءَ تي، جيڪا نئن بارڻ سان ملي ٿي. -اتر- ويڪرائي ڦاڪ 25037\'06\'\' ۽ -اوڀر- ڊگھائي ڦاڪ 67050\'56\'\' تي موجود آھي. ھن وقت زمين/ هنڌ جو گھڻو حصو زرعي زمين ھيٺ اچي چڪو آھي. ۽ ڪافي حصي تي قبرستان ٺھي چڪو آھي. نظر ڪبي ته ھڪ -ٺلهه- نما مٿاھين جو گھيرو 60 ميٽر، مٿان وارو قطر 8 ميٽر اونچائي 11 ميٽر اٿس. ھن دڙي جي ماپ 250x250 ميٽر باقي وڃي -بچي- آھي. ھن دڙي کي -اين جي مجمدار- کوٽيو ھو، جنھن ھن دڙي کي ڌاتو پاھڻي دور جو ڪري لکيو آھي. ھتي کوٽيل -ٽن- تجرباتي کڏن مان جيڪي وٿون مليون، -تن- ۾ -آمري- -ثقافت- سان لاڳاپيل ٺڪراٺو، مڻڪا، -پٿر- جا گولڙا، ٽامي جي ڇيڻي، -پٿر- جي روھي/ سيراڻ (Hone)، -پٿر- جا پتا ۽ کرچڻا شامل آھن.[1]

حوالا[سنواريو]