بنا پاڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بنا پاڙي (انگريزي: Rootless) ٿر ۾ ھڪ ول جو نالو آهي جنھن کي پاڙ ڪا نہ ٿئي يعني زمين تي ڪو نہ اڀري، پر ڪنهن ٻوٽي، مَريڙن، ڪَنٽي، ساٽوڙي ۽ ڪن وڻن تي اُڀري وڌي ويندو آهي. اُن جون تَسرون پيلي رنگ جون ٿين. منجهس ڪو بہ پن يا ڦل ڪو نہ ٿئي، فقط تندن مان تندون ڪڍي وڌندي ويندي آهي، جنهن بہ ٻوٽي يا وڻ تي هوندي، اتي گهاٽي ٿيندي ويندي، ۽ نيٺ ان کي سُڪائي ڇڏينديون. اُن کي اُٺ ۽ ٻڪريون ٻوٽن ۽ وڻن سان گڏ کائيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.