بلاول فقير زرداري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بلاول فقير زرداري :

بلاول فقير 1705ع ۾ ڄائو [1].هيءُ سنڌ جو درويش صفت ماڻهو هو .بلاول ،شهزادي ميان مرادياب ۽ ميان غلام شاهه سان گڏ رهيو ۽ ميان غلام شاهه جو خاص صلاحڪار به ٿي رهيو .سندس وفات 1754ع ۾ ٿي .بلاول فقير جو مقبرو نوابشاهه کان ٽن ڪوهن تي ،اتر طرف دوڙ روڊ کان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي ،جيڪو هاڻي” بالو فقير جي قبي “جي نالي سان مشهور آهي .هن بزرگ جي نالي تي نواب شاه ۾ بلاول انسٽيٽيوٽ آف ڪلچر اينڊ هسٽري قائم ڪيو ويو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. "بلاول فقير زرداري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-06-07.