برھانپور ڪي سنڌي اولياء

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برهانپور ڪي سنڌي اولياء پاٽ شريف جي ڪجهه بزرگن هندستان ۾ علم ۽ ادب جي جوت جلائي. ڏهين صديءَ جي انهن عالمن سڳورن ۾ مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ سنڌي پاٽائي جو نالو بہ سرفهرست آهي. انهن عالمن پٺيان اهو علائقو سنڌي پوره سڏجڻ لڳو. جيڪو برهانپور مڌيہ پرديش ۾ آهي. 1947ع کان پوءِ ان علائقي جو هڪ اهل قلم محمد مطيع الله راشد برهانپوري سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ اچي مقيم ٿيو. جنهن پير حسام الدين راشدي جي فرمائش تي خطن ذريعي برهانپور مان سنڌي بزرگن متعلق معلومات گڏ ڪئي ۽ ڪتاب تيار ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڪجهه ٻين سنڌ جي عالمن ان ۾ ڪجهه جهول محسوس ڪندي ان کي ٻيهر لکرائڻ يا حاشين ذريعي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جنهن اهو ڪتاب ڇپرايو هو، تنهن پاٽ جي انهن بزرگن جي اولاد مان مخدوم سليم الله صديقي کي اهو ڪم سونپيو، جنهن ان ڪتاب جا تعليقات لکي مڪمل ڪيو، جيڪو 2006ع ۾ بورڊ طرفان شايع ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "برھانپور ڪي سنڌي اولياء". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017.  Check date values in: |access-date= (مدد)