برنس گارڊن
ڏيک
برنس گارڊن ڪراچيءَ جو هيءُ خوبصورت باغ 1921ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي طرفان قائم ڪيو ويو. هن باغ ۾ قسم قسم جا گل ۽ ٻوٽا لڳايا ويا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هن باغ ۾ ايترا ته انگور پيدا ٿيندا هئا، جو انهن کي ٻاهرن ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو. هيءُ باغ تقريباً 25 ايڪڙن تي پکڙيل آهي. هيءُ باغ اڃا تائين ڪراچيءَ جي خوبصورت باغن ۾ شامل آهي ۽ ان ۾ قومي عجائب گهر به واقع آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "برنس گارڊن". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. جنوري 13، 2018ع تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Check date values in:|accessdate=(مدد)