مواد ڏانھن هلو

برزخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بَرزَخُ ٻن جاين جي وچ ۾ پردو يا وٿي. موت بعد قيامت تائين رهڻ وارو عرصو. مسلمانن جي عقيدي موجب اها جاءِ، جنهن ۾ روح مرڻ کان وٺي قيامت تائين رهندو. هيءُ اصطلاح عربيءَ توڙي فارسيءَ ۾ ساڳئي مفهوم ۾ استعمال ٿيندو آهي.[1]

قرآن پاڪ ۾

[سنواريو]

ڪلام پاڪ ۾ برزخ جو ذڪر 3 ڀيرا آيو آهي: ”وَمِنْ وَّرَآئِهِمْ بَرْزَخٌ اِليٰ يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ“ (سورة المؤمنون سيپارو 18) (۽ بهشت جي ڏينهن تائين انهن جي پٺيان روڪ آهي. ”وَهُوَالَّذِيْ مَرَجَ الْبَحْرَيْنِ هٰذَا عَذْبٌ فُرَاتٌ وَهٰذَا مِلْحٌ اُجَاجٌ وَّجَعَلَ بَيْنَهُمَا بَرْزَخًا وَّ حِجْرًا مَّحْجُوْرًا“ (سورة الفرقان سيپارو 19 رڪوع 3) (۽ اهوئي آهي جنهن ٻن دريائن کي ملايو آهي جن مان هڪ (جو پاڻي) مٺو ۽ هڪ (جو پاڻي) ڪڙو ۽ تلخ آهي ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙو حجاب ۽ هڪڙي روڪ مانع آهي) ”مَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيَانِ بَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيٰنِ“. (سوره رحمٰن، سيپارو 27) (ٻن دريائن کي ملايو جو (ظاهر ۾) پاڻ ۾ ملايل آهن، پر (حقيقتاً) ٻنهي جي وچ ۾ هڪ حجاب آهي جو ٻئي (ان کان) وڌي نٿا سگهن.)[1]

مفھوم

[سنواريو]

ڪن موقعن تي انهن جو مفهوم ڪڏهن روحاني ڪڍيو وڃي ٿو ته ڪڏهن مادي. سورة مؤمنون ۾ گنهگار اها التجا ڪن ٿا ته کين دنيا ۾ واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن انهيءَ نيڪيءَ کي مڪمل ڪري وٺن، جيڪا هنن پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڪئي. پر انهن جي پٺيان هڪڙو برزخ آهي، جيڪو رستو روڪيو بيٺو آهي. ٻيا مفسر ان جي ظاهري معنيٰ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جنهن مان مراد اُهو پردو آهي، جيڪو جنت ۽ دوزخ جي درميان آهي. ڪلام پاڪ جي باقي ٻن آيتن ۾ ٻن سمنڊن يا ٻن دريائن جو ذڪر آهي، جن مان هڪڙو مٺو آهي ۽ ٻيو کارو. انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ هڪڙو برزخ آهي، جيڪو انهن کي ملڻ نٿو ڏئي. صوفي به انهيءَ لفظ کي مادي دنيا ۽ پاڪ روحن جي وچ واري خلا لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهوئي لفظ فلسفي ۾ به ملي ٿو. انهن وٽ برزخ سياه شين يا جسمن مان مراد ورتي ويندي آهي. يعني برزخ يا جسم تاريڪ قطرو آهي ۽ صرف روح جي روشني حاصل ڪرڻ تي روشن ٿيندو آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.