برج اسد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسد عربي لفظ معنيٰ ’شِينهنعلم هيئت ۾ -آسمان- جي 12 خيالي برجن مان هڪڙو برج، جيڪو خط استوا جي -اتر- ۾ آهي. آسمان ۾ جيڪي 12 -برج- ڳڻيا ويا آهن، انهن مان ڇهه -برج- خط استوا جي اُتر ۾ آهن ۽ ڇهه -برج- خط استوا جي ڏکڻ ۾ شمار ڪيا ويا آهن. انهن برجن جي شڪل به مقرر آهي ۽ علامت به. برجن جي ترتيب هن طرح آهي: (1) حمل (گهيٽو)، (2) -ثور- (ڍڳو)، (3) -جوزا- (جاڙا ڄاول)، (4)سرطان (کيکڙو)، (5) -اسد- (شينهن)، (6) سُنبله (ڪنواري)، (7) ميزان (ساهمي)، (8) عقرب (وڇون)، (9)قوس (ڪمان)، (10) جدي (ٻڪر)، (11) دلو (ٽڀو)، (12) حُوت (مڇي). نجوم ۾ هرهڪ -برج- جي خاصيت جدا جدا آهي.[1]

حوالا[سنواريو]