برجيٽ آلچن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برجيٽ آلچن ڏکڻ ايشيا جي قديم آثارن جي نامياري ماهر، علم بشريات جي ڄاڻو ۽ قديم آثارن جي مشهور محقق فرينڪ ريمنڊ آلچن جي گھر واري برجيٽ آلچن جو جنم 1927ع ڌاري آڪسفورڊ ۾ ٿيو.[1]

تعليم[سنواريو]

هن ابتدائي تعليم لنڊن مان حاصل ڪئي، ٻي مهاڀاري جنگ جي اختتام جي سال بعد پنهنجي خاندان سان گڏ ڏکڻ آفريقه جي علائقي ڪيپ ٽائون ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين ۽ پنهنجي تعليم جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيائين. کيس، ننڍپڻ کان ئي آثارِ قديمه جي موضوع سان دلچسپي هئي، جنهن تحت هن لنڊن يونيورسٽي مان علم بشريات جي شعبي ۾ پهريان ايم. اي ۽ پوءِ پي. ايڇ. ڊي جي سند ۽ ان سان گڏ ايف. ايس. اي جي ڊگري حاصل ڪئي.[1]

ڪم[سنواريو]

هن پنهنجي عملي ڪم جو آغاز هندستان جي اوائلي تاريخ ۽ نسل نگاري جي مختلف پهلوئن تي تحقيق سان ڪيو. 1968ع ۾ برطانوي آثارِ قديمه پاران پاڪستان جي قديم آثارن تي کوجنا جي هڪ رٿا تحت تحقيقي ڪم جي سربراهه مقرر ٿي، جڏهن ته ساڳئي رٿا ۾ سندس گھر وارو ريمند آلچن به گڏيل سربراهه طور شامل رهيو. هن پاڪستان ۽ هندستان ۾ آثارِ قديمه جي ادارن ۽ شاخن کي قائم ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۾ تمام گھڻي مدد ڪئي. ان کان علاوه، پاڻ ڪيمبرج ۾ قائم وولفسن ڪاليج جي سهڪاري، قديم هندستان ۽ ايران جي قائم ڪيل ٽرسٽ جي سيڪريٽري، (Aouth Asian Studies) رسالي جي ايڊيٽر ۽ ڏکڻ ايشيا تي تحقيق ڪندڙ آثارِ قديمه جي ماهرن تي مشتمل يورپين ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي رهي. هن هندستان ۾ رهي برودا يونيورسٽي جي هڪ رٿا موجب ماضي ۽ جديد دؤر ۾ آيل ماحولياتي تبديلين جو جائزو ورتو. ان تحقيق دوران سندس ٻين ساٿين ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ ٿر جي ارضي بناوٽ (Desert Geomorphology) جو اڀياس ڪندڙ ماهر اينڊريو گوڊي ۽ معدنيات جو سائنسي ماهر پڻ شامل هئا. ڊاڪٽر برجيت آثارِ قديمه جي حوالي سان جن ملڪن تي تحقيق ڪئي، انهن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا سرفهرست آهن. جڏهن ته وچ ايشيا ۽ افغانستان جا به ڪجهه علائقا سندس تحقيق ۾ شامل رهيا. هن پنهنجي تحقيق ۾ پاهڻي دؤر، پٿر جي وچئين دؤر (Mesolithic Period) ۽ پٿر جي قديم دؤر (Paleolithic Period) جي آثارن تي وسيع پيماني تي کوجنا ڪندي مڪمل ڪوائف سامهون آندا. پاڻ مختلف وقتن ۾ پنهنجي گھر واري ريمنڊ آلچن جي هندستان جي قديم آثارن تي تحقيق دوران ڀرپور حصو وٺندي رهي. برجيت آلچن جي خيال مطابق ننڍي کنڊ ۾ موجود آثارِ قديمه جا ماڳ قديم آثاريات جي اڀياس لاءِ موزون جڳهه آهن. ان کان علاوه قديم آثارن ۽ موروثي سلسلي جي نوادرات جي قومي سطح تي سار سنڀال ۽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ ۾ سندس ڪردار اهميت جوڳو رهيو آهي.

ڪتاب[سنواريو]

سندن گڏيل تحقيقي ڪم The Birth of Indian Civilization ۽ The Rise of Civilization in India & Pakistan جي نالن سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن. ريمنڊ آلچن سان گڏيل طور ڇپيل ڪتابن کان علاوه هن پنهنجي تحقيق جي آڌار تي به ڪي ڪتاب به لکيا، جيڪي هن ريت آهن[1]:

  1. The Stone Tripped Arrow.
  2. The Prehsitoric and Palaeogeography of The Great Indian Desert.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.