براھوئي علامہ حاجي محمد عمر دين پوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

براهوئي، علامه حاجي محمد عمر دين پوري، علامه حاجي محمد عمر ولد عطا محمد عرف عطائي خان پندراڻي بروهي 1882ع ڌاري ڳوٺ وڪري جاگير، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.[1]

تعليم[سنواريو]

ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ هوشيار هو، شروعاتي ديني تعليم پنهنجي والد وٽ پڙهيو. ان کانپوءِ هو مستونگ جي مولانا براهوئيءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي هن ناظره قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ همايون شريف ۾ مولانا عبدالغفور همايونيءَ وٽ حاضر ٿيو، جنهن جي مدرسي مان پڙهي فارغ التحصيل ٿيو، جنهن بعد مڪتبه السلاميه براهوئيه در خان، لڳ ڍاڍر بلوچستان ۾ مولانا عبدالحي براهوئي رئيساڻيءَ وٽ درس ۾ شامل ٿيو.[1]

خدمتون[سنواريو]

علامه حاجي محمد عمر دين پوري، حضرت مولانا سيد تاج محمود شاهه امروٽي جو دست ِ بيعت مريد هو. هي عالم ۽ اديب سان گڏ مفتي، مفسر، مترجم، شاعر ۽ سياسي رهنما به هو. هن سڀ کان پهريائين 1901ع ۾ مڪتبه اسلاميه براهوئي در خان لڳ ڍاڍر مان اشاعتي ڪم جي شروعات ڪئي. سندس پهريون ڪتاب ’ڪريما‘ فارسيءَ مان براهوئي ۾منظوم ترجمو هو.علامه دين پوري مختلف موضوعن تي اٽڪل 86 ڪتاب لکيا،جن ۾: (1) قرآن مجيد (براهوئي ترجمو) (2) ڪريما، (3) محمود نامه، (4) نامِ حق، پندنامه، (6) شروط الصلوٰة، (7) تعليم الاسلام (منظوم)، (8) نصيحت نامه، (9) حفظ الايمان، (10) ترغيب الجماعت، (11) نماز فرائض، (12) سودائي نامه، (13) دينيات (حصو پهريون ۽ ٻيو) (14) اعلان واجب الـبيان، (15) مثالِ حال، (16) تحفة الامراء (17) هدايت المستورات، (18) مفتاح القرآن (مقدمو)، (19) دافع الوسواس في بيان الحيض و النفاس، (20 ) تفسير مفتاح القرآن، (21) ريل نامه، (22) وبيص الطيب وي ذي نور الحبيب،(23) قاعده بـراهوئيه، (24) مـشتاق مـدينه (شاعري)، (25) تـنبـيھ الـثافلين، (26) اصل اليمان، (27) داستان ورنائي، (29) اشتار مع حسرت اظهار،(30) ثبوت الحجاب بالدلائل و انتصاب، (31) آئينه قيامت، (32) مخ العبادة، (33)جهاتل بانو، (34) داستان ابليس (35) هدايت قادريه، (36) دعوت الاسلام، (38) شرح اصول سته ۽ (37) مجموعه خطبات قابل ذڪر آهن. مولانا محمد عمر دين پوري 1343ھ/1925ع ۾ دين پور مان هڪ ماهوار رسالو ’الحق‘ براهوئي زبان ۾ جاري ڪيو، جنهن جا ٽي پرچا منظر عام تي آيا. اهو رسالو براهوئي زبان جو پهريون رسالو هو.[1]

وفات[سنواريو]

هن 18 جمادي الثاني 1468ھ/1948ع ۾ عشاء نماز جي پيش امامت دوران سجدي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس مزار نڙبينت ضلعي قلات ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.