براھمي گپتا لپي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

براهمي گپتا لپي هيءَ ٻولي براهمي لپيءَ جي هڪ شاخ آهي. اصل گپتا لِپيءَ ۾ حروف علت سميت 37 اکر هئا ۽ کاٻي کان ساڄي پاسي لکي ويندي هئي. ان گپتا لِپيءَ مان چار ضمني لِپيون ڦُٽيون هيون. اڀرندي، الهندي، ڏاکڻي ۽ وچ ايشيائي. انهن مان اڀرندي گپتا جي اولهه واري هڪ شاخ مان ’سِڌاماترڪا‘ لِپي 500 عيسوي ڌاري ٺهي، جنهن مان ديوناگري لپي 700 عيسويءَ ۾ اڀري جيڪا هاڻوڪين جديد هندي لپين جو بنياد آهي.[1]

تاريخ[سنواريو]

گُپتا لکت (script) بابت ڪنسائيز انسائيڪلوپيڊيا چوي ٿي ته،” اها ڏکڻ ايشا جي اتر هندستاني گروهه جي چوٿين ۽ ڇهين صديءَ جي لِپي آهي. ان وقت جي حڪمران گپتا حڪمرانن جي رياست ان لکت کي اهو نالو ڏنو. اها لِپي برهمي مان نسري ۽ گپتا شهنشاهيت ۾ پري پري تائين فتح ٿيل علائقن ۾ پکڙجي وئي. ان جي نتيجي ۾ گپتا لِپي هندستان ۾ پوءِ وارين اڪثر لِپين (اڪثر حصي ۾ ديوناگري) جي ذريعي شروعاتي لِپي بڻي. “[1]

لپي[سنواريو]

a i u e o
ā au
k kh g gh
c ch j jh ñ
ṭh ḍh
t th d dh n
p ph b bh m
y r l v
ś s h

سنڌ ۾ دريافت[سنواريو]

سنڌ ۾، بدر ابڙي فيبروري 2004ع ۾ واهي پانڌي ويجهو کيرٿر جبل جي ’نئن نريءَ‘ ۾ هڪ هنڌ هڪ جابلو ڪنڌيءَ تي ٽن جاين تي اُڪريل براهمي گپتا تحرير دريافت ڪئي آهي. اهي ٽيئي تحريرون پشاور يونيورسٽي ۾ قديم ٻولين جي ڄاڻو ڊاڪٽر نسيم هن ريت پڙهيون ؛ برهمي لکتون ٽي اهڙيون لکتون، جيڪي يا ته ٽن ڌار ڌار ماڻهن جون لکيل آهن يا ساڳئي ماڻهوءَ ٽن مختلف قسم جي اوزارن سان کوٽي لکيون آهن. اهي گهڻو ڪري خاص نالا، انهن جي لقبن سان آهن.[1]

  1. ++++sya pari[ndra]paputrasya “of…, the son of Parindrapa” “of
  2. SriīMatarasya dakkas[ya] tararastisya dara dara+sardhya “of rŚMatara, the strong or intelligent, the protector, the … of Dara”. Probably followed by four faint letters .
  3. [dhasamasa] “of Dhasma”. The last letter is overlapped by a large size akshara ‘Ta’. Below traces of few letters.

The readings need to be verified on the spot.

جيڪڏهن ڊاڪٽر نسيم مٿيون تحريرون پڙهڻ ۾ ڪا غلطي نه ڪئي آهي ته پوءِ انهن مان پڙهيل لفظ ڪجهه هن ريت معنيٰ ڏين ٿا:

  1. +++ سيه پَـرِ [ندرا] پَاپُـتراسيه ( ... جو ... پرندراپا جو پُٽ، جو )
  2. سري متارا دکشيه تار تارا ستيه دارا دارا + سرڌيا (سري متارا جو، ذهين ۽ ٻلوان محافظ، اهو ... دارا جو) ان کان پوءِ شايد چار ٻيا اکر به آهن .
  3. ڌَسَـمَـسا (ڌَشما جو). آخري اکر جي مٿان هڪ وڏي ماپ جو اکر ’تا‘ لکيل آهي ۽ ان جي هيٺان ڪجهه اکرن جا نشان آهن.''

انهن تحريرن جو مطلب ٿيو ته هن ماڳ کي گپتا دور جي چوٿين ۽ ڇهين صديءَ جي منظر نامي ۾ ڏسي سگهجي ٿو، ۽ هتي لکيل ڪجهه نالا مثال: متارو، پَرندراپ، دارا، ۽ ڌمشا کي تاريخ جي ورقن ۾ ڳولڻ گهرجي. پر جيڪڏهن اهي نالا تاريخ جي ورقن ۾ موجود نه آهن ته پوءِ اهي هن تيرٿ تي موجود باقي نقاشيءَ جا فنڪار ٿي سگهن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.