بدن و صحت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب ڪنهيا لعل چيلارام سنتاڻيءَ جو ترتيب ڏنل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 157 صفحا ۽ قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو ٻيو، اسڪول ڪاليج اسٽورس، نئشنل پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد مان سال 1934ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو پنجون ڇاپو، جنهن ۾ 164 صفحا آهن ۽ قيمت ساڍا اٺ آنا ڄاڻايل آهي، چندن اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1941ع ۾ ڇپيو. ستون ڇاپو، جنهن ۾ 154 صفحا آهن ۽ قيمت ساڍا اٺ آنا ڄاڻايل آهي، سو به چندن اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1941ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻارهون ڇاپو، جنهن ۾ 156 صفحا آهن ۽ قيمت 12 آنا ڄاڻايل آهي، سو ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپنيءَ طرفان ديش مترا پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان ڇپيو.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]