بدر ڌامراھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ مقالا نگار بدر الدين ڌامراهو، 15 ڊسمبر 1961ع تي ڌامراھ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي (سنڌي) ۽ ايم. فل آهي، ۽ سيڪنڊري اسڪول ۾ استاد آهي.

ادبي خدمتون[سنواريو]

سندس ڪيتريون تحريرون شايع ٿيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنسڪرت سنڌي لغت“ (روشني پبليڪيشن 2008ع) ۽ ”لطيفي انسائيڪلوپيڊيا“ روشني پبليڪيشن: 2007) شامل آهن. سندس ڪتاب ”سنسڪرت سنڌي لغت“ کي 2008ع جي بھترين تحقيقي ڪتاب طور سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران اوارڊ ۽ ڌار ڌار 25000 رپين جا انعام ملي چڪا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]