بخشڻ سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بخشڻ سومرو حيدرآباد شهر جو مشهور درزي ٿي گذريو آهي. جنهن جو درزڪو دڪان تلڪ چاڙهيءَ جي مُک روڊ تي هو. استاد بخشڻ سومري جي دڪان جو ٺهيل ٿري پيس سوٽ (يعني ڪوٽ، پتلون ۽ ويسٽ ڪوٽ) مشهور هو. پاڻ نه صرف اعليٰ ڪٽائي ڪندڙ هو، پر سبڻ جو به ماهر ڪاريگر هوندو هو. وٽس دڪان تي 10 کن ٻيا ڪاريگر ڪم ڪندا هئا. سندس دڪان تي گرم ولائتي ۽ پاڪستاني ڪپڙو به رکيل هوندو هو، جيڪو ”فائن ڪلاٿ اسٽور“ سڏبو هو.

درزڪو ڪم[سنواريو]

استاد بخشڻ شڪارپور جو ويٺل هو، پر درزڪي ڪم ۾ سندس استاد هڪ پنجابي ماستر ڪرم الاهي هو. استاد بخشڻ سان گڏ ٻيو به هڪ شاگرد عنايت الله مغل ساڳئي استاد وٽ ڪم سکندو هو، جنهن پوءِ ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ تي ”مغل ٽيلرز“ نالي سان وڏو نالو ڪڍيو. استاد بخشڻ پنهنجو جدا دڪان پهرين ڪوئيٽا ۾ کوليو، پر زلزلي کان پوءِ حيدرآباد شهر ۾ اچي درزڪو دڪان کوليائين. ان وقت سنڌ جو تعلق بمبئيءَ سان هو. استاد بخشڻ جي هاڪ پري پري تائين هئي، انهيءَ ڪري نه صرف سنڌ جي ٻين شهرن مان، پر بمبئيءَ مان به اُتي جا وڏا آفيسر ۽ هندو ديوان وٽانئس ڪپڙا سبائيندا هئا. سندس گراهڪن ۾ شهيد الله بخش سومرو، مخدوم طالب الموليٰ، مير غلام علي خان، مير بنده علي ٽالپر، پيرزادو عبدالستار، مير رسول بخش ۽ مير علي احمد خان ٽالپر، حاجي مولابخش سومرو، رحيم بخش سومرو، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، غلام دستگير پانڌياڻي، قاضي عابد، خان بهادر محمد صديق ميمڻ وغيره جا نالا مشهور آهن.

شاگرد[سنواريو]

استاد بخشڻ جا پنهنجا شاگرد به مشهور ٿي گذريا آهن، جيئن استو مولابخش ابڙو، غلام حيدر ابڙو ۽ استو خدابخش جيڪو 85 سالن جي عمر ۾ سال 2000ع تائين معلومات موجب حيات هو ۽ تلڪ چاڙهيءَ تي پنهنجو دڪان ”آئيڊيل ٽيلرز“ جي نالي هئس. هو به وڏو درزي هو.

وفات ۽ اولاد[سنواريو]

استاد بخشڻ 1967ع ۾ وفات ڪئي. کيس شڪارپور ۾ دفنايو ويو. هن پنهنجي اولاد جي بهترين تربيت ڪئي. سندس ٽيئي پٽ اعليٰ تعليم يافته آهن. جيئن ته وڏو پٽ ڊاڪٽر عطامحمد سومرو، شروع ۾ آرمي ۾ ڊاڪٽر ٿيو ۽ پوءِ سعودي عرب (رياض) ۾ 30 سالن کان ملازم آهي. ٻيو پٽ ڊاڪٽر سعيد احمد سومرو، تنهن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري انگلينڊ مان حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي جيالاجي ڊپارٽمينٽ مان پروفيسر طور رٽائر ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]