بحث:نورا مينگل

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محترم @Aziz Kingrani: صاحب اُميد ته خيريت سان هوندا هن مضمون کي وڪي طرز تي آڻيو خاص ڪري گوريلا جنگ وارو ڀاڱو سُڌاريو. ۽ بهتر ٿيندو ته ٽيگ تيستائين نه هٽايو وڃي جيستائين لاڳاپيل درستگي پوري نٿي ڪئي وڃي، ترميمي جنگ کان پاسو ڪريو مهربانيونجوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:43, 6 جنوري 2020 (UTC)

محترم اسد جوڳي راڄپر صاحب عرض ته اوهان مھرباني ڪري اهو وڪيپيڊيا اسلوب تحت سنواريو ته بهتر ٿيندو. ان سان مان اسلوب کي چڱي ريت سمجهي ويندس. رهي ڳالھ ٽيگ جي ته ڀلي لڳايو. ساڳي اسلوب تي نه پنجابي ۽ نه اردو وڪيپيڊيا اعتراض ڪيو آهي. --عزيز ڪنگراڻي (ڳالھ)' 14:16, 6 جنوري 2020 (UTC)
مانوارا سائين @Aziz Kingrani: مضمون کي ڪاپي ايڊٽ ڪري وڪي طرز تي آندو آهي، خاص طور گوريلا جنگ ڀاڱو مواد جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ ;گهمي ڏسو هي ڳنڍڻو جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 15:06, 6 جنوري 2020 (UTC)

.... سائين منهنجا مون ڪاپي پيسٽ نه ڪيو آهي پر ٽن وڪيپيڊياز تي پنهنجي طرفان لکيو آهي. ان ۾ ڪمي پيشي درست ڪندا ته مهرباني سمجھندس. --عزيز ڪنگراڻي (ڳالھ)' 15:49, 6 جنوري 2020 (UTC)

ڪاپي ايڊٽ ۽ ڪاپي پيسٽ ۾ فرق آهي، اڳ واري مواد کي سنواري بهتر ڪرڻ واري عمل کي ڪاپي ايڊٽ سڏبو آهي، جنهن تحت ڄاڻايل ڀاڱو مون ڪاپي ايڊٽ يعني سنواري سُڌاري وڪي طرز تي آڻي ڇڏيو آهي. مضمون ۾ اڳ ڪُجهه صفتون ۽ حرف نِدا هيا جهڙوڪ خبر باهه جيان پکڙجي وئي، ان کي ايترو لکڻ ئي بهتر آهي ته خبر پکڙجي وئي. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 09:36, 7 جنوري 2020 (UTC)