بحث:فھرست سنڌ جون ذاتيون

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ذاتين جا نالا شامل ڪرڻ جو طريقو[سنواريو]

هي سنڌ ۾ رهندڙ ذاتين جي الف بي (الفابيٽ) جي ستيتاليھ اکرن (ڇو تہ باقي 5 اکرن سان لفظ شروع نہ ٿيندا آھن) جي تناسب سان اکر جي ترتيب سان جوڙِي وئي آهي، مثال طور ڪنهن ذات جي نالو جو پهريون اکر سنڌي الف بي جي جنهن پهرئين اکر سان شروع ٿئي ٿو ان ذات جي عنوان کي ان اکر جي ڀاڱي (سيڪشن) ۾ رکيو ويو آهي. باقي رهيل ذاتين جا نالا پڻ سندن ذات جي لاڳاپيل پهرئين اکر واري ڀاڱي (سيڪشن) ۾ لکيا وڃن. فرض ڪريو ڪنهن ذات جو نالو الف سان شروع ٿئي ٿو جيئن ابڙو تہ ابڙو ذات الف (ا) واري ڀاڱي ۾ لکيو وڃي جيڪو مثال ٻہ ڀيرا برابر جي نشاني =ا= لکيل نظر اچي پيو ته ان تي سنواريو واري لفظ تي ٺڙڪ (ڪلڪ) ڪريو هڪ ايڊيٽر کلي ايندو ان ۾ هيئن ستاري * جي نشاني لڳائي ذات جو نالو لکو. مثال طور، * ابڙو ۽ پوءِ تبديليون ڇاپيو بٽڻ تي ڪلڪ ڪري تبديليون محفوظ ڪريو. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:49, 31 مارچ 2021 (UTC)

بغير سوچي ڪيل سنوارن جي واپسي[سنواريو]

@JogiAsad صاحب ھن صفحي ۾ آخري سنوارون مون پاران ڪيون ويون ھيون، پر توھان بغير جائزو ورتي ان کي ختم ڪري ڇڏيو، مون کي سمجهہ ۾ نٿو اچي توھان کي ڪھڙو مسئلو نظر آيو، جڏھن تہ منھنجي ڪيل سنوارن ۾ صفحي ۾ ترتيب آندي وئي ھئي. توھان ان فرق کي ورجائن جي وچ ۾ تفاوت سان ڏسي سگهو ٿا. مان اميد ڪيان ٿو تہ توھان شين جو جائزو وٺندا ۽ صفحي کي ترتيب ۾ آڻيندا. مھرباني. مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 18:27, 4 مَئي 2022 (UTC)

ڀاءُ توھان جي ڪيل سنوارن کي پرکيم، اھي ٺيڪ آھن، پر توھان کان اڳ ڪنھن ٻين پاران مضمون ۾ سنوارون ڪري سڄو حُليو بگاڙي ڇڏيو ھو، جنھنڪري اھو ئي مناسب سمجھيم تہ ان کي اڳ واري شڪل ۾ موٽايان، رھي ڳالھ توھان جي سنوارن جي تہ اھي ھاڻي جڏھن صفحي جو اسٽائيل درست ڪيو ويو آھي تہ ھاڻي ٻيھر ڪري سگھجن ٿيون، توھان سنواح جھانگيو ۾ ڏسو گذريل سنوارن کي تہ صفحو ڪيڏو بري طرح سان خراب ڪيو ويو آھي. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 09:04, 5 مَئي 2022 (UTC)
ھاڻي توھان يا ٻيا جيڪي ڀاڱيدار سنوار ڪرڻ گھرن ٿا سي لاڳاپيل سيڪشن تي ڪلڪ ڪري سيڪشن وائز سنوارون ڪري سگھو ٿا. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 09:20, 5 مَئي 2022 (UTC)

ٻيو تہ ذات کي جمع نہ واحد ڪري لکو مثال ابڙا بدران ابڙو، آريجا بدران آريجو لکو اھڙي طرح ٻيا پڻ. جيڪڏھن لاڳاپيل ذات جو مضمون موجود شھي تہ تڏھن ئي ان کي ڳنڍڻو وجھو مثال ابڙو کي اندروني ڳنڍڻو ڏيڻ لاءِ ڏنگين ۾ رکو ھن ريت [[ابڙو]]. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 09:33, 5 مَئي 2022 (UTC)