ببيتا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ببيتا ھري شِوَداساڻي (انگريزي: Babita Hari Shivdasani)، پيدائش 20 اپريل 1947ع، عام طور تي ببيتا ڪپور جي نالي سُڃاتي ويندڙ[1]، اڳوڻي ھندوستاني اداڪارا آھي جيڪا ھندوستاني فلمن ۾ ڪم ڪندي ھُئي. ھيءَ اداڪار ھري شِوَداساڻي جي ڌيءَ ۽ اداڪارا ساڌَنا شِوَداساڻي جي سئوٽياڻي آھي. ھن ڪامياب فلمي ڊرامي "دَس لاک" (1966ع) ترجمو "ڏھ لک" سان فلمي دُنيا ۾ پير پاتو پر کيس رومانوي سَنسني خيز فلم "راز" (1961ع) جي ڪري مَڃتا حاصل ٿي، جنھن ۾ ھن اداڪار راجيش کَنا سان ڪردار ادا ڪيو. 1966ع کان 1973ع تائين ھن اوڻيھ ڪامياب فلمن ۾ مُک ھيروئن طور ڪم ڪيو. 1971ع ۾ سندس شادي اداڪار رَنڌير ڪپور سان ٿي[2]. 1973ع ۾ سندس فلم "سوني ڪي ھاٿ" ترجمو "سون جا ھٿ" جي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ھن فلمي دُنيا کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. کيس ٻہ ڌيئرون اداڪارا ڪرشما ڪپور ۽ اداڪارا ڪرينا ڪپور آھن.[3]

ببيتا پنھنجي ڌيئرن ڪرشما ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور سان گڏ 2008ع ۾


حوالا[سنواريو]

  1. "Kareena Kapoor and Saif Ali Khan at Babita Kapoor’s 70th birthday". Vogue India. حاصل ڪيل 2021-12-27. 
  2. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2013-08-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-12-27 
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2013-08-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-12-27