ببيتا
ڏيک
ببيتا ھري شِوَداساڻي (انگريزي: Babita Hari Shivdasani)، پيدائش 20 اپريل 1947ع، عام طور تي ببيتا ڪپور جي نالي سُڃاتي ويندڙ[1]، اڳوڻي ھندوستاني اداڪارا آھي جيڪا ھندوستاني فلمن ۾ ڪم ڪندي ھُئي. ھيءَ اداڪار ھري شِوَداساڻي جي ڌيءَ ۽ اداڪارا ساڌَنا شِوَداساڻي جي سئوٽياڻي آھي. ھن ڪامياب فلمي ڊرامي "دَس لاک" (1966ع) ترجمو "ڏھ لک" سان فلمي دُنيا ۾ پير پاتو پر کيس رومانوي سَنسني خيز فلم "راز" (1961ع) جي ڪري مَڃتا حاصل ٿي، جنھن ۾ ھن اداڪار راجيش کَنا سان ڪردار ادا ڪيو. 1966ع کان 1973ع تائين ھن اوڻيھ ڪامياب فلمن ۾ مُک ھيروئن طور ڪم ڪيو. 1971ع ۾ سندس شادي اداڪار رَنڌير ڪپور سان ٿي[2]. 1973ع ۾ سندس فلم "سوني ڪي ھاٿ" ترجمو "سون جا ھٿ" جي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ھن فلمي دُنيا کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. کيس ٻہ ڌيئرون اداڪارا ڪرشما ڪپور ۽ اداڪارا ڪرينا ڪپور آھن.[3]

حوالا
[سنواريو]- ↑ "Kareena Kapoor and Saif Ali Khan at Babita Kapoor’s 70th birthday", Vogue India (ٻولي ۾ en-IN), حاصل ڪيل 27 ڊسمبر 2021۔
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 11 آگسٽ 2013 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 27 ڊسمبر 2021۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 11 آگسٽ 2013 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 27 ڊسمبر 2021۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)