ڪرينا ڪپور
ڏيک
ڪرينا ڪپور خان (انگريزي: Kareena Kapoor Khan) (پيدائش21سيپٽمبر 1980ع)، ھندي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ ھندوستاني اداڪارا. ھيءَ اداڪارن رنڌير ڪپور ۽ ببيتا جي ڌيءَ آھي ۽ اداڪارا ڪرشما ڪپور جي ڀيڻ آھي. ھن رومانوي ۽ مزاح کان وٺي ڏوھن تي ٻڌل ڊرامن تائين جي فلمي ڪئنواس ۾ مُختلف ڪردار ادا ڪيا آھن. کيس ڇھ فلم فيئر ايوارڊن سميت ڪيترائي ٻيا اعزاز مليا آھن ۽ بالي ووڊ جي سڀني کان وڌيڪ پئسا وٺندڙ ۽ مشھور اداڪارائن ۾ کيس ڳڻيو ويندو آھي.[1]

حوالا
[سنواريو]- ↑ "Happy Birthday! How Kareena Kapoor made it big", web.archive.org, 18 فيبروري 2015, حاصل ڪيل 08 ڊسمبر 2021۔