ببليوگرافي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آسٽريا جي گراز يونيورسٽي لائبريري جي ببلوگرافي

ببليوگرافي(انگريزي: Bibliography) لفظ يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن”ببلس“ (Biblious) معنيٰ ”ڪتاب“ ۽ ”گرافو“ (Grapho) معنيٰ ٿي ”ڪتاب لکڻ يا نقل ڪرڻ.“

روس ۾ ھڪ عورت ببلوگرافي جي ڪم ڪندي

مطلب[سنواريو]

موجوده وقت ۾ ببليو گرافيءَ جا ٻه مکيه مطلب ورتا ويندا آهن: (1)ڪتابن جي سلسلي وار ترتيب ۽ (2) ڪتابن بابت مستند ڄاڻ.

  1. ڪتابن جي سلسليوار ترتيب: هن قسم جي ببليو گرافيءَ ۾ ڪتابن جي فهرست يا ترتيب اهڙي نموني رکي ويندي آهي، جو محققن، شاگردن ۽ استادن کي ڪتابن حاصل ڪرڻ ۽ حوالا چونڊڻ ۾ آساني ٿئي.
  2. ڪتابن بابت مستند ڄاڻ: هن قسم جي ببليوگرافيءَ کي تجزياتي ببليوگرافي به چئجي ٿو. هي جديد طريقو آهي, جيڪو 20 هين صدي عيسوي ۾ ترقيءَ تي پهتو.

وضاحت[سنواريو]

ببليوگرافي ڪنهن به ٻولي ۾ لکيل ڪتابن جي فهرست کي چئجي ٿو. ببليوگرافيءَ هڪ قسم جو آرٽ به آهي ته سائنس به، ڇاڪاڻ ته هن ۾ اهي سڀئي ڳالهيون شامل آهن. جيڪي ٻنهي علمن لاءِ لازمي ٿين ٿيون. جيئن ته هن وقت دنيا جي هر ترقي يافته ٻوليءَ ۾ روزانو سوين ڪتاب پيا ڇپجن. ان ڪري ببليوگرافيءَ کي پڻ مختلف شاخن ۾ ورهايو ويو آهي. مثلاً سائنسي ڪتابن جي جدا ببليوگرافي تيار ڪئي ويندي آهي ته وري ديني، ادب جي جدا، تاريخي ڪتابن، ناولن، شاعريءَ، رسالن ۽ ٻاراڻي ادب جون جدا جدا ببليوگرافيون تيار ڪيون وينديون آهن. موجوده وقت ۾ هن علم اڃا به وڌيڪ ترقي ڪئي آهي، جنهن موجب ڪتاب جو نالو، ليکڪ/ مترجم/ مرتب جو نالو، ڪتاب ۾ ڪم آندل پني، جلد بندي، صفحن، ڇپائيءَ جي تاريخ ۽ سال وغيره جي معلومات درج ٿيندي آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ به پاڪستان کان اڳ هندو عالمن، سنڌي ڪتابن جون ببليوگرافيون تيار ڪيون هيون. تازو ڪجهه ادارن سنڌي ڪتابن جون ببليوگرافيون شايع ڪيون، جن ۾ انسٽيٽيوٽ آف ”سنڌالاجي“ ۽ ”سنڌي ادبي بورڊ“ وغيره شامل آهن. جن مان شاگردن، استادن ۽ عام ماڻهن کي سنڌي علم ۽ ادب بابت سٺي ۽ مفيد معلومات حاصل ٿي رهي آهي. مطلب ته ببليوگرافي ڪتابن بابت هڪ قسم جي ڊائريڪٽري هوندي آهي، جنهن مان پڙهيل طبقو چڱو لاڀ حاصل ڪري سگھي ٿو ۽ آسانيءَ سان گهربل موضوع بابت ڪتاب آسانيءَ سان ڳولي سگهجي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]