بَهَڻُ/ باهڻ: هڪ قسم جو وڻ، جنهن جو ڪاٺ نرم ٿئي، جنهنڪري -ان- تي جنڊيءَ جو ڪم سُٺو ٿيندو آهي. هيءُ وڻ خاص ڪري جنڊيءَ جي سامان جوڙڻ ۾ ڪم ايندو آهي. هيءُ وڻ سڄيءَ سنڌ ۾ ، درياهه جي ڪچي واري ايراضيءَ جي ٻيلن ۾ ٿيندو آهي.[1]