باگڙي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

باگري / -باگڙي- (Bagri) (-ٻولي- ):هيءَ -ٻولي- -باگڙي-، باگڙيا، بورياس ۽ بهگڙي جي نالن سان سڃاتي وڃي ٿي. هن ٻوليءَ جو 62 سيڪڙو لهجو هندي ٻوليءَ سان، 65 سيڪڙو هريانوي ٻوليءَ سان، 66 سيڪڙو مارواڙي ٻوليءَ سان، 75 سيڪڙو سنڌي ٻوليءَ سان، 76 سيڪڙو شيخاوتي ٻوليءَ سان، 65 سيڪڙو ڌنواري ٻوليءَ سان، 47 سيڪڙو گڊواري ٻوليءَ سان، 60 سيڪڙو ميواتي ٻوليءَ سان، 70 سيڪڙو جند واري ٻوليءَ سان هڪجهڙائي رکي ٿو. هيءَ هڪجهڙائي لفظي، لهجاتي ۽ وياڪرڻي آهي. هي -ٻولي- هندوستان جي پنجاب، فيروزپور ضلعن، راجستان، هنومان ڳڙهه، شري گنگا نگر، هريانه، سرسا، هسار، مڌيه پرديش کان سواءِ -پاڪستان- جي سنڌ صوبي جي -ٿر- واري حصي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هي لاڏائو قبيلن جي -ٻولي- آهي، -ان- ڪري اتان جي مقامي زبانن جو مٿس گهڻو اثر رهي ٿو. هي قبيلا گهڻو ڪري هندو مذهب سان تعلق رکن ٿا. ڪي ڪي انگريزن جي سنڌ ۾ صاحبيءَ کان پوءِ عيسائي به ٿيا آهن، پر ثقافتي طور هو هندو مذهب سان لاڳاپيل آهن. سندن پيشو زراعت آهي. 2000 جي آدمشماريءَ جي انگن اکرن موجب هندوستان ۾ هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 1899000 هو. هيءَ -ٻولي- هند- يورپي، هند ايراني، هند آريائي راجستاني ٻولين جي خاندان مان آهي. هن ٻوليءَ جي ڪابه لپي ڪانه ملي آهي. مذهبي -جنتر- منتر علائقي جي حساب سان اتان جي لپيءَ ۾ لکيا وڃن ٿا. گهڻو ڪري ديوناگري لپيءَ جو استعمال ٿئي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]