باٽ کولڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

باٽ کولڻ: واٽ کولڻ. ٿر جي هندن ۽ مسلمان سماٽن ۾ شاديءَ جي هڪ رسم آهي ته جڏهن گهوٽ ساهراڻي گهران موڪلائي هلڻ جي ڪندو آهي، تڏهن ساليون چونديون ”واٽ ٻڌل آهي“. تڏهن گهوٽ واٽ کولڻ جا ڪجهه ٻول چوندو ۽ پوءِ اڳتي واٽ ملندي. واٽ ٻَڌڻ جا ٻول مختلف نمونن جا ٿيندا آهن. مثال طور: ٻٻر مٿي -ٻاٻيهو-، لئي مٿي لاٽ اُٺين متان ٻيهنوئي، ٻڌل پئي ايم باٽ.

(-ٻٻر- مٿي -ٻاٻيهو- پکي ويٺو آهي. لئي تي لاٽ آهن. اي ڀيڻويا! اُٿين متان، جو واٽ ٻڌل آهي) ٻگلا گهيٽا، ٻگلا سينگ، جي تي چڙهيا ٻارهي ڍينگ، ٻارهي ڍينگين سوسو سريا، ٻڌان گوري را ڦريا، گوري جا يامن ٻولايا، گوري جا يامن ڇوڙايا، اونچي کڙڪي نيچي کاٽ، ڇٽي سهيليان مانري واٽ.

(اڇا گهيٽا، اڇا سڱ، -جن- تي ٻارهن ڍينگ چڙهيا، ٻارهن ئي ڍينگن تي سؤ سؤ رسا، ٻڌان گوري جا ڦر، گوري جا ڄاول مون ٻولايا ۽ مون ڇڏايا، مٿي کڙڪي هيٺ کٽ، اي سهيليون منهنجي واٽ کلي).[1]

حوالا[سنواريو]