بانو محبوب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو، 25 سيپٽمبر 1969ع تي محراب پور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائي. سندس اصل نالو غلام بتول آهي. هن 1987ع ۾ ميٽرڪ محرابپور هاءِ اسڪول مان ڪئي. 1994ع ۾ ايم. اي سنڌي ۽ M.Sc اسٽيٽسٽڪس ۾ 1995ع ۾ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سنڌ جي مشهور استاد ۽ اديب محبوب علي جوکيي جي نياڻي آهي. ادبي دنيا ۾ پاڻ کي شاعره ۽ افسانه نگار طور متعارف ڪرايائين. سندس ڪلام سگهڙين سٿ ۽ ’سرتيون‘ رسالي کانسواءِ مختلف اخبارن ۾ به ڇپجندو رهيو آهي. گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس ۾ ليڪچرار آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ تي نسيم کرل ايوارڊ به کڻي چڪي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. بانو محبوب انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، ڇپيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد.