بالاڪوٽ
بالاڪوٽ Balakot | |
---|---|
شھر | |
بالاڪوٽ شھر جو ھڪ منظر | |
جاگرافي بيهڪ: 34°32′N 73°21′E / 34.54°N 73.35°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | خيبر پختونخوا |
بالاڪوٽ(انگريزي: Balakot ) , پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخوا جي ضلعي مانسهره جو ھڪ ننڍڙو شھر، جيڪو سمنڊ جي سطح کان 2900 فوٽ بُلندي تي درياء ڪنھار جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي. ان جي مٿئين پاسي ڪاغان وادي ۽ ھيٺين پاسي نئنسخ وادي واقع آهي. 8 آڪٽوبر 2005 ۾ ھڪ زبردست زلزلي ۾ ھي پورو شھر تباھ ٿي ويو ۽ حڪومت ان کان 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ھڪ محفوظ ھنڌ تي نئون شھر نيو بالاڪوٽ جي نالي سان تعمير ڪرائي بچي ويل ماڻھن کي اتي منتقل ڪيو، ۽ پراڻي شھر جي کنڊر کي قومي ورثو قرار ڏئي ڇڏيو.
سيد احمد شھيد جو تعلق
[سنواريو]هندستان کي انگريزن جي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ حڪمت عملي اها به هئي ته هندستان جي اهڙن علائقن ۾ -جلاوطن- حڪومت قائم ڪجي، جتان جهاد لاءِ ڀرپاسي وارن مُلڪن مان مدد ملي سگهي. اِنهيءَ مقصد سان اُتر- الهندي وارن آزاد علائقن کي چونڊيو ويو[1]. سيد احمد شاھ بريلوي شهيد، سکن ۽ انگريزن جي وڌندڙ طاقت ۽ مسلمانن تي سندن ڏاڍ ۽ حڪومت خلاف جهاد جو جهنڊو بُلند ڪيو. شهيد احمد، جهاد لاءِ هندستان جو گشت ڪري مجاهد گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. ڪن رياستن جهاد ۾ مجاهد موڪلڻ جو وعدو ڪيو، ته ڪن مالي مدد ڪئي. جڏهن شهيد احمد بريلوي، سنڌ جي وڏي مجاهد پير صبغت -الله- شاهه راشدي -اول- وٽ آيو، ته اُن نه رڳو سندس مالي مدد ڪئي، پر 500 مجاهد به سندس حوالي ڪيا. شهيد احمد جو قافلو دشمن جي جاسوسن کان لڪندو -بالاڪوٽ- ۾ وڃي رسيو. سيد احمد شهيد جي سڏ تي ڪابل، ڪاغان، گلگت، دير ۽ چترال وغيره جي پٺاڻن ۽ ٻين قومن جي ماڻهن جو بي ترتيب هُجوم اچي گڏ ٿيو، -جن- جهاد جي مقصد کان هٽي عام ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪئي، تنهنڪري عام مسلمانن هن تحريڪ کي اهميت نه ڏني ۽ جيڪي مُجاهد سٺي مقصد سان گڏ ٿيا هئا، سي علحدگي اختيار ڪري ڇڏي ويا. باقي مجاهد سيد احمد شهيد سان گڏ رهيا[1]. آخرڪار دشمنن 24 ذوالقعد 1246ھ/ 6 مئي 1831ع ڌاري رات جي تاريڪيءَ ۾ حملو ڪري سيد احمد ۽ سندس جان نثارن کي نماز ۾ ئي شهيد ڪري ڇڏيو، صبح جو لاشن جي ڳڻپ ٿي، ته 500 شهيدن جا لاش ڏٺا ويا، پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته اُهي سنڌ جا باشندا هئا ۽ کين -بالاڪوٽ- ۾ دفن ڪيو ويو[1].
جاگرافي
[سنواريو]بالاڪوٽ جو اصل ڳوٺ پنج سؤ فوٽ مٿي دڙي تي -آباد- آهي. هڪ وڏي نهر اُتر- اولهه واري پهاڙيءَ مان نڪري ڳوٺ مان لنگهندي درياهه ۾ شامل ٿي وڃي ٿي[1]. هڪ ٻي نهر اولهه جي پهاڙن مان نڪري ڳوٺ جي اولهه طرف وهي، اها به درياءُ ۾ شامل ٿي وئي آهي. -بالاڪوٽ- پهرين به ڪاغان ماٿريءَ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي هڪ منڊي هو ۽ اڄ به ساڳي حيثيت رکي ٿو[1]. -بالاڪوٽ- ڳوٺ جي ڏکڻ ۽ اولهه ۾ ۽ پڻ درياهه جي ٻنهي طرفن نوان گهر ۽ بازارون تعمير ٿي ويون آهن ۽ ڪاروبار به عروج تي آهي[1]. ڊاڪ -بنگلو- به ڪافي وقت جو ٺهيل آهي، جنهن جاءِ تي سيد احمد شهيد جي قبر ٻُڌائي وڃي ٿي، هاڻي اُتي چار ديواري تعمير ڪئي وئي آهي[1]. شاهه اسماعيل شهيد جي قبر ڳوٺ کان هڪ ميل جي مفاصلي تي، اتر- -اوڀر- طرف آهي[1]. -بالاڪوٽ- جي -جنگ- ڳوٺ جي اولهه ۾ مٿي، ڪوٽ جي دڙي تي وڙهي وئي هئي[1].
2005 وارو زلزلو
[سنواريو]8 آڪٽوبر 2005 ۾ ڪشمير۾ آيل ھڪ زلزلي ۾ ھي شھر مڪمل تباھ ٿي ويو ل. سن زلزلي ۾ 73000 جي لڳ ڀڳ ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا انھن ۾ بالاڪوٽ ۽ ان جي پسگردائيءَ واري ٻارھن يونين ڪائونسلن جي 30000 جي لڳ ڀڳ آبادي پڻ شامل ھئي. شھر جا 90 سيڪڙو گھر مٽي جو ڍير ٿي ويا. جيڪي ماڻھو بچي ويا انھن کي ھڪ ھن شھر کان 20 ڪلوميٽرن ۽ بڪاريال کان 15 ميلن جي فاصلي تي ٻي جاء تي آباد ڪرائي نئون بالاڪوٽ نالي شھر تعمير ڪيو ويو. بالاڪوٽ جي پراڻي شھر کي قومي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو[2]. حڪومت جي بندش جي باوجود ڪجهه ماڻھن وري ان پراڻي شھر ۾ گھر اڏي رھڻ شروع ڪيو آهي[3] [4].
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 -http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D9%84%D8%A7%DA%AA%D9%88%D9%BD [] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
- ↑ New Balakot City: an unfulfilled promise to earthquake survivors
- ↑ Quake-Stricken Town Is to Move, Saddening Survivors, New York Times
- ↑ Sadaqat, Muhammad (28 January 2016). "New Balakot project: Construction of Bakriyal city to resume in a week – The Express Tribune" (en-US ۾). The Express Tribune. https://tribune.com.pk/story/1035255/new-balakot-project-construction-of-bakriyal-city-to-resume-in-a-week/.