باشو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

باشو (Basho ):-باشو-، شاعريءَ جي صنف هائيڪو (Haiku) جو عظيم شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو پورو نالو ميتسو -باشو- هو. هن جاپان

جي صوبي اگا (Iga) جي شهر يونو ۾ -جنم- ورتو . هن ۾ ننڍي هوندي کان ئي شاعر بڻجڻ جون خوبيون موجود هيون. 1666ع ۾ پنهنجي ڳوٺ يونو کي ڇڏي، ايڊو (Edo) (هاڻي ٽوڪيو) ۾ اچي رهڻ لڳو. هن هائيڪو شاعريءَ ۾ ڪافي نواڻ پيدا ڪـــئي، ايــتريقدر جـــو هائيـــڪو بهترين قسم جي شاعريءَ جي هيئت طور سموري جپاني عوام ۾ مقبول ٿي ويو. هن 1684ع کان سڄي دنيا جو دورو شروع ڪيو، پر -جتي- به ويو ۽ -جن- به حسين نظارن کان متاثر ٿيو، -تن- کي لکندو ويندو هو. ايتريقدر جو هڪ بهترين سفرنامو تيار ڪري ورتائين. سندس سفرنامو ادب ۾ بهترين اضافو تصور ڪيو وڃي ٿو. -باشو- جپاني شاعريءَ ۾ هڪ وڌيڪ صنف رينگا (Renga) جو به اضافو ڪيو. صديون گذرڻ باوجود -باشو- کي اڄ به جپاني شاعريءَ جو روشن تارو سمجھيو وڃي ٿو. هن اوساڪا ۾ وفات ڪئي.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D8%B4%D9%88%201