باسٽل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

باسٽل (Bastille ):وچولي زماني ۾ فرانس جو مشهور تاريخي قلعو، جيڪو پيرس شهر ۾ قائم هو. هي قلعو فرانس جي -بادشاهه- چارلس پنجين چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ ٺهرايو هو. هن قلعي جي اڏاوت جو مقصد انگريزن جي حملي کان بچاءُ ڪرڻ هو. اڳتي هلي قلعي کي جيل خاني ۾ تبديل ڪيو ويو. 17 ۽ 18 صديءَ ۾ هتي ڪيترا سياسي قيدي -بند- ڪيا ويا هئا. فرانس جي -تاريخ- ساز انقلاب دوران مڇريل ماڻهن، هن قلعي تي حملو ڪري نه رڳو قلعي کي نقصان پهچايو ۽ هزارين قيدي به آزاد ڪرائي ورتا. -ان- کانپوءِ قلعي کي -باهه- ڏني ويئي. بعد ۾ فرانس جي انقلابي حڪومت هن قلعي کي بلڪل ڊهرائي ڇڏيو.[1]

حوالا[سنواريو]