مواد ڏانھن هلو

باز محمد جوڻيجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر -باز- محمد جوڻيجو 1947ع ڌاري، ضلعي دادوءَ جو ڳوٺ ”-پاٽ-“ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، 1970ع ۾ يونيورسٽي آف پنجاب مان بي. وي. -ايس- سي ۽ بي. -ايس-. سي (اي- ايڇ) جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1975ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان، ايم. -ايس-. سي ڪيائين. 1970ع کان 1973ع تائين، وٽنري اسسٽنٽ سرجن جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪندو رهيو. 1977ع تائين ڪيوريٽر، زولاجيڪل گارڊن حيدرآباد جي عهدي تي فائز رهيو. -ان- کان پوءِ 1983ع تائين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ 1989ع تائين ڊزيز انويسٽيگيشن آفيسر رهيو. 1993ع تائين سينٽرل وٽرنري ڊائگنوسٽڪ سينٽر ٽنڊي ڄام ۾ ڊائريڪٽر ۽ -ان- بعد ڊائريڪٽر وٽرنري سنڌ رهيو. -ان- بعد سنڌ جي ائنيمل هسبينڊريءَ جو ڊائريڪٽر به رهيو. ڊاڪٽر -باز- محمد جوڻيجي، سنڌ ائنيمل هسبينڊريءَ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ، سنڌ جي ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجون قلمي ڪوششون -جاري- رکيون. سندس ڪاوشن ۽ ڪوششن سان، ڊيري فارمر ۽ -ان- ڪم ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ ”ڊيري گائيڊ“ نالي هڪ ڪتاب ڇپجي چُڪو آهي، جيڪو هن ڊاڪٽر عابد -ٿهيم- ۽ ڊاڪٽر سعديه سان گڏجي تيار ڪيو.[1]

حوالا

[سنواريو]