بار (سامونڊي کاري)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بار / ٻار: سامونڊي کاري. شاهه جي رسالي جي سُر سامونڊي ۾ لفظ آيل آهن ”-بندر- -بارو- بار“ يعني -بندر- ته هر بار تي آهن، پر اُهي -بندر- جيڪي ”مَلِي“ نالي بار (ملي بار= مالا بار) تي آهن، -تن- جو مُلهه ئي ڪونهي. لغت جي لحاظ سان لفظ ’بار‘ جي معنيٰ وڌيڪ -تحقيق- طلب آهي. سامونڊي ڪناري واري اصطلاح ۾ غالباً ’بار‘ اها ڀيڻي، -جتي- ندي اچي ڇوڙ ڪري ۽ هڪ قسم جي کاري يا ’نارِ‘ ٺاهي، جنهن مان ٻيڙين جي اچڻ وڃڻ جي سهوليت ٿئي ۽ ’-بندر-‘ جو بنياد پوي. 5 صدي هجريءَ (11 صدي عيسويءَ) جي شروع ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪناري وٽ سنڌونديءَ جي هڪ ڇوڙ جو نالو ’منهن برا‘ (يعني ’منهن بار يا منهن -باري-‘) ڪم آندو ويو آهي، جيڪو شايد ”مالا بار“ لنظ ئي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]