بارڪ زئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بارڪ زئي دُراني پٺاڻن جو هڪ قبيلو. افغانن جي هڪ قبيلي جي رئيس ”زِيرڪ“ جا ٽي پُٽ هئا: پوپل، اَلڪو ۽ بارڪ. انھن ٽنھي مان مستقل قبيلا سڏيا ويا يعني پوپل زئي، الڪوزئي ۽ بارڪ زئي، جيڪي سدوزئي قبيلي کان پوءِ افغانستان جا حڪمران بنيا. انھن جي حڪمرانيءَ جي شروعات امير دوست محمد خان کان ٿي. امان الله خان کان پوءِ محمد نادرشاھ بادشاھ ٿيو. جيڪو امير دوست محمد خان جي ڀاءُ سلطان محمد خان جي اولاد مان هو.[1]

حوالا[سنواريو]