باراني پوک

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مينهن جي پاڻيءَ تي ٿيندڙ پوک کي ”باراني“ پوک چوندا آهن. ڪامياب -باراني پوک- لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن کان پندرهن -انچ- سالياني -برسات- هجڻ ضروري آهي. سنڌ ۾ -ٿر- ۽ ڪوهستان وارا خطا گهڻو ڪري -باراني پوک- تي مدار رکن ٿا. چوندا آهن ته ”وُٺو ته ٿر، نه ته بر“. سنڌ ۾ سالياني -بارش- وڌ ۾ وڌ پنج -انچ- ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ته لاڳيتو سالن جا سال -برسات- ڪانه پوي. انهيءَ ڪري اهي علائقا سدائين ڏڪار واريءَ حالت ۾ هوندا آهن. -ٿر- ۽ ڪوهستان ۾ -باراني پوک- ۾ تِرَ، مُڱ، جوئر ۽ -ٻاجهر- جو فصل، گوار، گدرا، ريڀڙ ۽ ڇانها ٿيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]