بادشاھ بيگم (اول)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بادشاھ بيگم (اول)
 

معلومات شخصيت
تاريخ ڄم سال 1703  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 14 ڊسمبر 1789 (85–86 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
دهلي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت مغل سلطنت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي

بادشاهه بيگم:

هيءَ بيگم، اورنگزيب عالمگير بادشاهه جي ڌيءُ ۽ محمد اعظم شاهه جي حقيقي ڀيڻ هئي، جو پڻ ”دلرس بانوءَ جي پيٽان هو، هن کي دستور موجب، ننڍي هوندي کان قرآن شريف پڙهائڻ کانپوءِ مذهبي تعليم ڏني ويئي. ٿورن ورهين ۾ هوءَ لکڻ پڙهڻ ۾ ڏاڍي هوشيار ٿي. ذهن تمام چڱو هوس، تنهن ڪري هڪڙو ٻڍو عالم پڙهائڻ لاءِ رکي ڏنائونس، جنهن ضروري علم سڀ سيکاريس. بادشاهه پاڻ مذهب جو پابند هو، سو اڪثر هن جو امتحان وٺندو هو، ۽ هن جي ترقي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. هڪڙي ڀيري عالمگير ڪنهن جنگ کان موٽي آيو، تڏهن درٻار جي شاعرن فتح جي مبارڪباديءَ لاءِ ڪي قصيدا پيش ڪيا، بادشاهه بيگم به هڪڙو قطعو جوڙي محلات جي بيگمن جي طرفان موڪليو. بادشاهه خوش ٿيو، مگر هو اڪثر شعر کي پسند نه ڪندو هو، تنهن اُنهيءَ ڪاغذ جي پٺيان لکيو ته ”برخوردار من! شاعريءَ جي اجائي ۽ لاحاصل مشغوليءَ ۾ رهڻ توکي مناسب نه آهي. هيءُ هنر، جو فخر جي لائق آهي، ته عام ماڻهن لاءِ آهي، نه عزت ۽ اعليٰ درجي وارن ماڻهن لاءِ،“ انهيءَ وقت کان وٺي، شهزاديءَ شاعريءَ کان توبهه ڪئي، ۽ رڳو مذهب جي ضروري علم، ۽ رياضي ۽ هيئت جي علمن جو محاورو ڪندي هئي. قرآن شريف سان خاص محبت هوندي هيس. هن جي علمي لياقت ڏسي، بادشاهه کيس گهڻو پسند ڪندو هو. شهزاديءَ ”بدر النساء“ جي ماءُ نواب ٻائيءَ کي ريس ٿيندي هئي، ۽ بادشاهه کي چوندي هئي ته تون ”دلرس بانوءَ“ جي اولاد جي پاسداري ٿو ڪرين. بادشاهه ٻنهي ڀيڻن جو سندس روبرو امتحان وٺندو هو، جنهن ڪري نواب ٻائي شرمندي ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ بدر النساء به گهڻو پڙهيل هئي، ته به بادشاهه بيگم ڏاڍي ذهين ۽ قابل هوندي هئي. بادشاهه بيگم ڏاڍي خوبصورت هئي، ۽ شرم ۽ حيا به گهڻو هوندو هوس. علم ۽ تدبر، دانائي ۽ بردباريءَ، ۽ عالي حوصلگيءَ ۽ فياضيءَ ۾ محلات جي بيگمن ۾ لاثاني هئي. عالمگير جهڙو خبردار ۽ خدا پرست ماڻهو، جو هن جي تعريف ڪندو هو، سو بي سبب نه هو. جيتوڻيڪ هوءَ فضول خرچ ۽ اسراف واري نه هئي، ته به خير ۽ فيض جا ڪم گهڻا ڪيائين. فيض الله خان ڪوڪو، جو بادشاهه بيگم جو ٿڃ _ شريڪ ڀاءُ هو، ۽ ڏاڍو صالح ۽ پرهيز گار ماڻهو هو، سو ديوانو ٿي پيو، تنهن تي هن ڪيترائي هزار رپيا خرچيا ۽ ٻيا به گهڻائي فيض جهڙا ڪم ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 20 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 20 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}