بادا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مسلمانن جي هڪ ذات جو نالو ۽ انهيءَ نسبت سان تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ هڪ تپو، جنهن ۾ ديهه ’-بادا- رعيتي‘، ديهه ’-بادا جاگير-‘، ديهه ’رائلو‘، ديهه ’خانپور‘ ۽ ديهه ’ميولس‘ موجود آهن. ’-بادا-‘ ڪنهن وقت ۾ سنڌو درياءُ جو پراڻو -بندر- ۽ -پتڻ- هوندو هو. هيءُ -پتڻ-، پراڻي ڦليليءَ جي منهن کان سامهون ڪوٽڙي تعلقي ۾ هوندو هو، جنهن ڪري اُن جو سڌو واپار ٻيڙين رستي حيدرآباد شهر ۽ آسپاس سان هلندڙ هو. چون ٿا ته هتي جا سيد ڪنڀارڪو هنر ڪندا هئا. سندن -ٿاڌل- جا ڪونڊا، چلمون، دلا، مَٽَ، -تس-، پاٽيون، پارا ۽ ٽڀا وغيره نهايت مضبوط ٺهندا هئا. ٿانون جو گهاڙيٽو به اهڙو سهڻو هوندو هو، جو اهي سوکڙيءَ طور ويندا هئا ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهور هئا. خاص ڪري ٻارن جا رانديڪا، چلمون ۽ حقا، گهاڙيٽي، سونهن ۽ مضبوطيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا.[1]

حوالا[سنواريو]